ٽنڊي محمد خان ۾ڊاڪٽر جي برطرفي خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ  : حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان ۾ پي پي ايڇ آء ۽ پي ايم اي پاران ڊاڪٽر راجه اوڊيجو کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ خلاف حيدرآباد بدين روڊ  تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جنھن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏيون بيهجي ويون ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي اچ وڃ سخت متاثر ٿي ، ان موقعي تي ڊاڪٽر انور علي پٺاڻ ، ڊاڪٽر رضوانه شاھ ، پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر آفتاب لغاري ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر راجه اوڊيجو کي بلاجواز نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي ، جيڪا سراسر ناانصافي آھي جنھن جي اسان پرزور  لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ، ڊاڪٽر راجه اوڊيجو جو ڏوھ فقط اھو آھي ته ھن هميشه ملازمن جي حقن جي ڳالھ ڪئي ، جنهن جي هن کي سزا ڏني ويئي آهي ، هنن حڪومت سنڌ ۽ صوبائي وزير صحت کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور تي ڊاڪٽر راجه اوڊيجو کي نوڪري تي بحال ڪيو وڃي نه ته اسين احتجاج جو دائرو وڌائي وزيراعلي ھائوس ڪراچي تي ڌرڻو ھڻداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.