حيدرآباد واسي جوڙي جو جھمپير ۾ تحفظ لاءِ احتجاج

ٺٽو(بيورو چيف) حيدرآباد جي پريمي جوڙي پاران ٺٽي ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد قتل جي خوف کان جھمپير پھچي تحفظ جي اپيل ڪري ڇڏي آھي، مائٽن کان جان جو خطرو آھي، وس وارا اسانکي تحفظ مھيا ڪن. پريمي جوڙو. ان سلسلي ۾ خانپور ڪوٽڙي جي رهواسڻ نورجهان کوسو پنھنجي مڙس ھٽڙي باء پاس جي رھواسي دلدار کوسو سان گڏ جھمپير ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي موجب سيشن ڪورٽ ٺٽو ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سان آء خوش آھيان، پر منھنجا مائٽ جن ۾ غلام رسول، سليم، مقيود کوسو ۽ ٻيا ان شادي مان خوش ناھن جيڪي اسانکي قتل ڪرائڻ چاھين ٿا، جنھن ڪري ڊپ کان پنھنجا گھر ڇڏي جھمپير ۾ اچي پناھ ورتي آھي، ھن چيو ته کيس ۽ سندس مڙس کي سندس مائٽن مان جاني مالي نقصان جو خطرو آھي. جنھن ڪري ھو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ مھيا ڪري نئي زندگي گذارڻ جوموقعو فراھم ڪري کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري نئين زندگي گذارڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.