مڪلي جي اسڪول ۾ فزيو ٿراپي سينٽر جو افتتاح

ٺٽو(بيويو چيف)  معذورن جي بحالي واري کاتي پاران مڪلي تي معذورن جي اسڪول ۾ قائم ڪيل فزيو ٿراپي سينٽر جو افتتاح اسپيشل ايجوڪيشن ۽ خصوصي ماڻهن جي بحالي واري کاتي جي صوبائي سيڪريٽري پرويز احمد سيهڙ پاران ڪيو ويو، جنھن ۾ مڪلي تي قائم ڪيل فزيو ٿراپي مرڪز جو افتتاح ڪيو، جنھن ۾ خصوصي ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسپيشل ايجوڪيشن ۽ بحالي مرڪز ٺٽو جي پرنسپل نديم ابراهيم خصوصي ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت بابت بريفنگ ڏني، تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري پرويز احمد سيهڙ چيو ته سنڌ اندر مخصوص ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ خصوصي فنڊ رکيا پيا وڃن ۽ مختلف ادارن ۾ مختلف شعبا قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن معذور ٻارڙن کي معاشري ۾ بهتر مقام ڏياري سگهجي، تقريب کي ناليواري شاعره گُل بيبي شاھ ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي سيڪريٽري رمضان ميمڻ، سوشل ويلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدا بخش بهراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.