سکر ۾ 99 يوسي سيڪريٽري جعلي قرار، پوسٽنگ تان هٽائڻ خلاف ڌرڻو

سکر(رپورٽر) سنڌ لوڪل گورنمينٽ اسڪروٽني ڪميٽي پاران سال 2012-13ع دوران ڀرتي ٿيل يوسي سيڪريٽريز جا آرڊر جعلي قرار ڏئي پوسٽنگ تان هٽائڻ خلاف مختلف شهرن جي 99 يوسي سيڪريٽرين کي هٽائڻ خلاف محمد بن قاسم پارڪ سکر کان احتجاجي ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين جي اڳواڻ سرفراز غلام مصطفيٰ ٻرڙو، عبدالغني سهتو، عرفان مڱڻيجو، عبدالجبار جمالي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، جڏهن ته سندن حمايت ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪر فيڊريشن سکر جي اڳواڻ علي مردان شيخ، دانش قريشي ۽ ٻين پڻ سندن حمايت ۾ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي رشوت نه ڏيڻ تي يوسي سيڪريٽرين جا نوڪرين وارا آرڊر جعلي قرار ڏنا آهن. چيئرمين اسڪروٽني ڪميٽي طارق ٻگھيو، سيڪريٽري بورڊ ضمير عباسي ۽ ٻين 99 يوسي سيڪريٽرين کي بحال ڪرڻ لاءِ في سيڪريٽري جا 6 لک روپيا ۽ 99 يوسي سيڪريٽرين جي بحالي لاءِ 6 ڪروڙ روپيا رشوت گھري هئي.. نه ڏيڻ تي کين معطل ڪيو ويو آهي، اعليٰ اختياريون يوسي سيڪريٽرين کي هٽائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.