اسپتال جي بجلي چوري ٿئي پئي: پير سعيد جان سرهندي

ٽنڊو محمد خان ( ن ع آ ) يونين ڪائونسل ٽنڊو سائينداد جي اڳوڻي چيئرمين پير احمد سعيد جان سرهندي، سماجي اڳواڻ عبدالحفيظ سٺيو ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ ڪافي عرصي کان بجلي جي چوري ٿي هئي، اسپتال ٻاهران ۽ آسپاس وارن پرائيويٽ بااثر ماڻهو سرعام اسپتال جي ايڪسپريس بجلي لائين مان سرعام چوري وارا ڪنيڪشن هڻي بجلي استعمال ڪري رهيا هئا، جيڪي اسان اڄ اسپتال جي عملي سان گڏجي اهي سمورا چوري وارا ڪنيڪشن ڪٽائي ڇڏيا آهن،  هنن وڌيڪ چيو ته چوري واري ڪنيڪشن ۾ بااثر جيڪي شامل آهن، انهن جي اڪثريت سنڌ ۾ حڪمران ڌر سان تعلق رکندڙ پارٽي جي اڳواڻن جي آهي، هنن اهو به پڻ چيو ته ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۽ دل واري اسپتال جتي ايڪسپريس بجلي لائين لڳل آهي اتان بجلي جا ڪنيڪشن سرعام چوري ٿي رهيا آهن پر ضلعي عملدارن سميت واپڊا عملدار به ان طرف ڪا به ڪارروائي نه ڪري رهيا آهن، هنن چتاءُ ڏنو ته ٻيهر ڊسٽرڪٽ اسپتال ۽ دل واري اسپتال ۾ چوري جا ڪنيڪشن لڳايا ويا ته سخت احتجاج ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.