ميرپور بٺوري ۾عام واهپي جي شين جا من پسند اگهه مقرر، عوام پريشان

ميرپوربٺورو (رپورٽ: شوڪت سومرو) ميرپور بٺورو ۾ واپارين پاران روزمره جي استعمال جي شين جا هٿرادو اگهه مقرر ڪندي سرڪاري ريٽ لسٽ کي ٿڏي ڇڏيو آهي، انهي سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ موجب روزمره جي استعمال جي ٻين اسمن سان گڏ مرغي جي گوشت جو في ڪلو 246 رپيا مقرر ڪيو ويو هو جڏهن ته واپارين پاران 300 رپيا في ڪلو مرغي جو گوشت وڪرو ڪيو پيو وڃي، شهر واسين پاران واڌو اگهن ۾ ريٽ لسٽ تي عمل نه ٿيڻ خلاف سوشل ميڊيا تي طوفان برپا ڪندي ضلعي انتظاميا، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور بٺورو ۽ مختيارڪار ميرپوربٺورو ٿي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڄاڻايو ته ميرپوربٺورو جا انتظامي عملدار آفيسن مان ٻاهر نه نڪرڻ سبب سندن ئي اعلي اختيارين پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽن تي عمل نه پيو ٿئي.

جنهن سبب غريب عوام مهانگائي جي هٿرادو طوفان جي ور چڙهي هڪ ويلو کائڻ لاءِ پريشان آهي،

سوشل ميڊيا جي خبرن جو نوٽيس وٺندي مختيارڪار ميرپوربٺورو پاران سڀاڻي کان سرڪاري ريٽ لسٽن کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن ۽ واپارين خلاف ڪاروائي جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.