ڪي ڊي اي پاران صارفن کي سهولتن لاءِ نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(    ) ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي صارفين کي سهولتون فراهم ڪرڻ اداري جي ترجيحن ۾ شامل رهيو آهي. انهي سلسلي ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻهن کان بچائڻ لاءِ ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي جي هدايتن تي لينڊ پراپرٽي بابت دستاويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اداري جي صارفين کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته الاٽمينٽ آرڊر، پري ليز ٽرانسفر، رجسٽرڊ سيل ڊيڊ ذريعي رجسٽريشن، بائي گفٽ، ان هيريٽنس، ايڪسڪيوشن آف ليز ڊيڊ، پرميشن ٽور مورگيج ۽ سرٽيفائي ٿرو ڪاپي جي با آساني ڄاڻ لاءِ سوڪ سينٽر جي ٽئين منزل تي موجود لينڊ ڊپارٽمينٽ مان حاصل ڪري سگهجن ٿا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سوڪ سينٽر ڪيش برانچ گرائونڊ فلور تي فارم نمبر 0 کان 7 الاٽي يا خريدار پنهنجي اصل سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکاري حاصل ڪري سگهن ٿا. سموري مرحلي کي آسان بڻائيندي درخواستگذار ضروري دستاويزن سان گڏ ( اٽارني جتي گهربل هجي) سوڪ سينٽر  بلڊنگ گرائونڊ فلور تي لينڊ بابت قائم ڪيل ڪائونٽر تي جمع ڪرائي سگهن ٿا. صارفين لينڊ بابت ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ لينڊ ڊپارٽمينٽ ٽئين منزل سان رابطو ڪن ته جيئن لاڳاپيل عملي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.