اڄوڪي دور ۾ نوڪرين لاءِ چٽا ڀيٽي وڌي وئي آه:چندر ڪيسواڻي

بڊاڻي:(ن ع آ)  سنڌ جي نالي واري اديب ۽ شاعر چندر ڪيسواڻي ڪشمور ۾ هڪ ليڪچر پروگرام ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته فني زندگي جي چونڊ ۾ فيصلا رڳو هجوم جي پويان لڳي نه ڪبا. هنر ۽ ڪاريگري ۾ مهارت لاءِ ڊاڪٽري ۽ انجنيئرنگ کان سواءِالاهي سارن ٻين شعبن ۽ سبجيڪٽس ۾ به  فيصلا وٺي سگهجن ٿا، اهڙا فيصلا اسان جي دلچسپي ۽ سبجيڪٽ سان لڳائو کي آڏو رکي ڪرڻ گهرجن اهڙو اظهار هن ڪشمور ۾ قائم نجي اسڪول پاران منعقد ڪيل هڪ ليڪچر پروگرام ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. چندر ڪيسواڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته شاگرد انجنيئرنگ ۽ ڊاڪٽري کانسواءِ ٻين پاسن جهڙوڪ ماحوليات. کاپي جي شين جو واهپو، ملازمتن کي وٺڻ ۽  سنڀال واري حصن ۾ ڇوڪريون، خاص طور تي ڪم ڪري سگهن ٿيون. چندر ڪيسواڻي هڪ ٻئي پاسي ڌيان ڇڪائيندي چيو ته صحت، حفاظت. ۽  ماحوليات جي حوالي سان سنڌ حڪومت 2014.۾ قانون سازي ڪئي آهي جنهن تحت قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ عدالتون پڻ جوڙي ڇڏيون آهن. پر ان عدالتن ۾ خلاف ورزي ڪندڙ ڪارخانن جي ڪيسن جي اڪلاءُ  لاءِ ماهر وڪيل ئي موجود ناهن. هن شاگردن تي زور ڏنو ته ڪيريئر جو آسو پاسو سنڌ ۾ مڪمل طور تي خالي پيل آهي. سنڌ جو ڪو به شاگرد ماحوليات ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪري ۽ وڪالت جو امتحان پاس ڪري ان شعبي ڏانهن لڙي ته وڏو پختو  ڪيريئر ٺاهي سگهي ٿو. چندر ڪيسواڻي وڌيڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ جتي نوڪرين لاءِ چٽا ڀيٽي تيز ۽ وڌي ويئي آهي. اتي ڪنهن به  هڪ شعبي ۾ هڪ ڊگري ايڏو اثر نٿي رکي تنهن لاءّ شاگردن کي پنهنجي تعليمي لياقت ۾  هڪ ڊگري کانسواءّ  ٻين ڊگرين ۽ شعبن کي شامل ڪرڻو پوندو.هن سڀني شاگردن کي مشورو ڏيندي چيو ته حالتن ۽ صورتحال کي سامهون رکي پنهنجي والدين سان مامرا بحث هيٺ آڻي هڪ صفحي تي اچڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.