ٻھارا جو ڳوٺ مصري ميربحر بنيادي سھولتن کان محروم

ٻھارا (ن ع آ )ٻھارا لڳ ديھ ٻھارا جو ڳوٺ مصري ميربحر 250، گھرن تي مستمل بنيادي سھولتن کان محروم ڳوٺ جي رھواسين پاران ڳوٺ ۾ بنيادي ضرورتون نه ھجڻ ڪري سراپا احتجاج آھن ڪيترن ئي سالن کان بنيادي گھرجون جھڙوڪ واٽرسپلاءِ ڊرينيج بجلي صحت تعليم جھڙيون انساني ضرورتون نه ھجڻ سبب ڳوٺاڻا پريشان بڻيل جڏھن ته رھواسين محمد طبب ميربحر بابو ميربحر احسان ملاح عبد الله  ميربحر عبدالرحيم ميربحر عُلام حسين ميربحر ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ لاء ڪافي سالن کان بجلي منظور ٿيل آھي پر سياسي ماڻھون ان ۾ رنڊڪون وجھي رھيا آھن ھنن ٻڌايو ته صاف پاڻي لاء نه واٽرسپلاءِ  نه ڊرينيج نه گليون پڪيون نيڪال نه ھجڻ  ڪري برسات دوران ڳوٺ برساتي پاڻي جي منھن ٿي وڃي ٿو ڪلھ ۽ اڄ جي برساتي وسڪارن سموري ڳوٺ کي گوڏي ٻوڙي ڇڏيو آھي ٻارن توڙي عورتن کي روڊ پڪي تائين وڏي مشڪلات پيش اچي ٿي   ھنن چيو ته اسان جو ڳوٺ شھر ٻھارا جي لڳ ھجڻ باوجود بجلي ۽ بنيادي سھولتن کان نظر انداز ڪيو ويو آھي ھنن چيو ته اسان اصل کان ئي پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا رھيا آھيون ڪافي ڀيرا شڪايتون ۽ احتجاج ڪيا آھن پر حڪومت ٻڌڻ لاء تيار نه آھي ڳوٺ واسين سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاھ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري گھوڙاٻاري پيپلزپارٽي ٺٽو ضلع جي قيادت کان مطالبو ڪيو آھي ته ڳوٺ مصري ميربحر کي بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.