پکي ۾عورت جو ڏير جي پُٽ خلاف احتجاج

پکو (ن ع آ) پکو ۾ عورت جو ڏير جي پُٽ خلاف احتجاج ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو آھي ان ڏس ۾ ڏيرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ گھنور لھٻر واسڻ مسمات عجيبان جت ، ڪوڙل ۽ ڌيءُ انم جت ساڻ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڏير جي پُٽ نادر جت خلاف احتجاج ڪندي دانھيو ته منھنجي مڙس محمد موسي’ جت کي مورثي ملڪيت مان حصي ۾ 12 جريب زمين ملي آھي پر نادر جت ان تي قبضو ڪرڻ ٿو چاھي ۽ ھو ڏوھاري قسم جا ماڻھو وٺي اچي منھنجي گھر ۾ گھڙي مون تي ۽ ڌيئرن تي تشدد ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي ويو آھي جڏھن ته مان عورت ھُجڻ ڪري قرآن پاڪ جا واسطا ڏئي ظلم ڪرڻ کان روڪيو پر ھُو نٿو مڙي ۽ تشدد ڪندو رھي ٿو ته زرعي زمين جو حصو مون کي ڏي نه ته ڌيئرن سميت توکي ماريندس ، عورت وڌيڪ دانھيو ته مان حد جي ڏيرا ٿاڻي تي به دانھن کڻي وئي آھيان پر پوليس ڪو به تدارڪ نٿي ڪري ۽ ٿاڻي تان ڪڍي ڇڏيو آھي ان تي نادر جت مڇرجي وڳڻ ٿاڻي تي منھنجي پُٽن مٿان ڪوڙا ڪيس درج ڪرايا آھن ۽ پوليس منھنجي پُٽ جابر جت کي گرفتار ڪري تشدد ڪري رھي آھي ته زمين تان ھٿ کڻو ، عورت چيو ته نادر جت منھنجي زرعي زمين تي ڪاھيل سارين جو  ٻيجارو پڻ لوڙھي ويو آھي جنھن تي مان ڊي آءّ جي لاڙڪاڻو کي درخواست ڏني آھي پر ڪو به نوٽيس ناھي ورتو ويو ۽ نه ئي نادر جت کي گرفتار ڪيو ويو آھي.  آخر ۾ ھُن اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خدارا ڏير جي پُٽ نادر جت جي ظلم کان بچائي انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.