مانجهند ۾ جي يو آءِ ۽ سوڍاڻي برادري جي سڏ تي سياسي سماجي اڳواڻن جو ڌرڻو

مانجهند ( رپورٽ: بابو عمراڻي )  مانجهند ۾ 3 مهينا اڳ  تعلقي اسپتال مانجهند  ۾ آيل زخمي پيءُ پٽ کي ايمبولنس نه ملڻ سبب تڙپي فوت ٿيڻ خلاف سخت احتجاج تي  معطل  ايم ايس جي ٻيهر مقرري خلاف جي يو آءِ  ۽ سوڍاڻي برادري جي  سڏ ٿي  هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي اسپتال گيٽ آڏو 3 ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾  ڌرڻو هڻي  ايم ايس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، جنهن سبب ايم ايس رستي مان واپس ٿي کسڪي ويو،  ڌرڻي ۾ ايس يو پي جسقم ن ليگ جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن مولوي سڌير احمد رند، مولوي عبدالحميد گبول، غلام شبير سوڍاڻي، محمد رحيم سوڍاڻي، ايس يو پي اڳواڻ محمد عمر ابڙو، بابل لطيف کوسو  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 مهينا اڳ سوڍاڻي برادري جي حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان امتياز علي سوڍاڻي سندس پيءُ خدا بخش سوڍاڻي کي ايمبولنس نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا ، جنهن تي سخت احتجاج سبب ايم ايس نورالله لاڙڪ  کي معطل ڪيو ويو هو  پر 3 مهينن کان پوءِ  ايم ايس سياسي سفارش ذريعي ٻيهر مقرري ڪرائي آيو آھي، هنن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ وڏي پئماني تي مبينا ڪرپشن ڪئي وئي جنهن سبب اسپتال ۾ ڪا به بنيادي سهولت ميسر ناهي نقلي دوائون خريد ڪري اسٽور سينگاريو ويو آھي .بجلي اسپتال کان ٻاهر چوري ڪري رقم ورتي وڃي ٿي غريب مريضن کان ايمبولنس جي تيل لاءِ رقم ورتي وڃي ٿي ڪوڙن بلن ذريعي مريضن جي ماني ۽ زڪوات فنڊ جا بل ڪڍيا وڃن ٿا. ساڳئي ايم ايس  کي بحال ڪيو ويو آھيجنهن کي فوري طور هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ ضلعي ليول تي تحريڪ هلائي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.