لاڙڪاڻي ۾ نوجوان تي ڦر ڪيس، عدالت ۾ پيش، جيل حوالي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملوڪ ڪورائي واسي نوجوان ماجد علي پٽ محمد حسن جتوئي ڦر واري ڪيس ۾ پوليس  مقابلي جي خوف کان پاڻمرادو پنجين سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ٿيو جتي عدالت نوجوان کي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ماجد علي جتوئي ٻڌايو ته آءُ ڪراچي جي فئڪٽري ۾ پورهيو ڪندو آهيان ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ڳوٺ آيس جتي خبر پئي ته مون مٿان ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ڪري مون هاف فراءِ ٿيڻ جي خوف کان پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته مون مٿان داخل ڦر واري ڪيس جي شفاف نموني جاچ ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن عدالتي حڪم تي پوليس نوجوان کي هٿڪڙيون هڻي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.