پنو عاقل ۾ بدامني، گهر کي کاٽ ۽ سوناري دڪان مان چوري

پنو عاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) پنوعاقل شھر مان گذريل خميس رات دير سان شھر جي قادري مسجد لڳ وڏي مندر جي  پوليس پڪٽ  آڏو نامعلوم ھٿياربندن سوناري بنسي مل جي دڪان جا تالا ٽوڙي 2 تولا سون ۽ 80 ھزار روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا،ان ڏس ۾ سوناري بنسي مل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل رات نامعلوم ھٿياربندن منھنجي دڪان جا تالا ٽوڙي داڙو ھنيو آھي، جيڪا مان شھرين کي ۽ پنوعاقل ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي آھي،ھوڏانھون ساڳي رات شھر جي بشيرآباد جي آخر ۾ جي يو آءِ سکر ضلعي جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍڙ جي مدرسي لڳ ويٺل علي نواز ڀيو جي گھر کي نامعلوم ھٿياربندن خاٽ ھڻي گھر ۾ پيل سونا زيور روڪ رقم ۽ ٻيو گھرو سامان کڻي فرار ٿي ويا،ھڪ مھيني کان پنوعاقل شھر ۽ ڀرپاسي ۾ چورين ڦرن ڌاڙن جي وارداتون ۾ واڌ اچڻ ڪري روزانو ڏوھ ڪنھن به ماڻھون جو اجھو محفوظ نه آھي ۽ ماڻھون جاڳي رات جو گذاري رھيا آھن،جڏھن ته ھڪ ھفتي ۾ شھر مان 15 کان وڌيڪ موٽرسائيڪليون ڦر ۽ چوري ٿي چڪيون آھن پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.