ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ خراب کاڌو ملڻ خلاف احتجاج، ڪم ڇڏ هڙتال

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڊرائيورن سميت ٻين مزدورن سان  جانورن کان به بدتر سُلوڪ ڪيو پيو وڃي، بلاڪ اندر قائم ڪيل هوٽلن تي ٺيڪيدار ڪمائي جي لالچ ۾ پورهيتن کي غيرمعياري کاڌو فراهم ڪري عيوض ۾ في مزدور کان ماهوار 12 هزار بل وصول ڪري رهيا آهن، جنهن سبب پورهيت سوڍا جي ملاوٽ واريون سُڪل، مانيون ۽ پاروٿي ڀاڄي ملڻ ڪري بيمار ٿي پيا آهن، سوڍا جي ملاوٽ واري کاڌي سبب سوين پورهيت پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، اُنهي سلسلي ۾ بلاڪ ٽو جي اندر ڪم ڪندڙ ليبر مزدورن سهولتون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏهڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، سوين مزدورن غيرمعياري کاڌي باوجود وڌيڪ بل وصول ڪرڻ جون دانهون ڪيون، احتجاج ڪندڙ پورهيتن دانهيندي چيو ته هتي قائم ڪيل هوٽلن تي وارا ڪمائي جي لالچ ۾ اسان مزدورن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن، اسان کي ٽائيم تي ماني صحيح نٿي ملي، ماني ۾ سوڍا وڌي وڃي ٿي، جنهن سبب بيمار ٿي پيا آهيون، ٻن ويلن تي صرف سُڪل ماني ۽ پاروٿي ڀاڄي ڏني ٿي وڃي، بل هر مزدور کان هر مهيني 12 کان 15 هزار وصول ڪيو وڃي ٿو، اسان سان کي ميسن وارا ڦري رهيا آهن، ڪير ٻُڌڻ وارو ڪونهي، بلاڪ ۾ هزارين پورهيت ڪم ڪن ٿا پر اُنهن کي معياري کاڌو پاڻي نه ٿو ملي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته غيرمعياري کاڌي عيوض مزدورن جي زندگين سان کيڏيندڙ هوٽل مالڪن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جون زندگيون بچايون وڃن.

ٺيڪيدار بچت جي لالچ  ۾ مزدورن جي زندگين سان کيڏڻ لڳا

مٺي: في ”ميس“ هوٽل تي هزارين پورهيتن کي هڪ ئي ٽائيم کاڌو ڏيڻ دوران هوٽلن جا مالڪ اڳواٺ هڪ ڏينهن جو بچايل کاڌو مزدورن کي ڏين  ٿا، بل ڳرا وصول ڪرڻ جي باوجود مزدورن کي دال، پٽاٽا ۽ ڪڙهي سان گڏ سوڍا جي ملاوٽ واريون سُڪل مانيون ڏنيون وڃن ٿيون، جنهن سبب ٺيڪيدار روزاني لکين روپين جي بچت ڪري مزدورن جي زندگين سان کيڏڻ ۾ لڳي ويا آهن، مٺي:بلاڪ ٽو ۽ بلاڪ ون اندر سمورا ٺيڪا ڪميشن عيوض من پسند ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته ٻنهي بلاڪن تي هزارن جي تعداد ۾ ليبر ڪم ڪري ٿي،جنهن سبب اُتي قائم ڪيل هوٽلن جا ٺيڪا ڪميشن عيوض ڏيئي مزدورن کي غيرمعياري کاڌي عيوض ڦريو پيو وڃي،

في پورهيت کان ماهوار بل 12 هزار وصول

مٺي: في پورهيت کان ماهوار بل 12 هزار وصول ڪرڻ جي باوجود مهيني ۾ هڪ دفعو به گوشت  يا مرغي جي ڀاڄي نه ٿي ڏني وڃي،پيئڻ لاءِ پاڻي به کارو ڏنو وڃي ٿو، مٺي:بلاڪن تي مزدورن لاءِ رهائيش توڙي واشرومن جي ڪا به بهتر سهوليت ناهي،سڄو ڏينهن سخت پورهيو ڪري رات جا چار پار سڪون سان سمهڻ لاءِ به سهولتون نه هجڻ ڪري اڪثر پورهيت ڊيوٽيون ڇڏي چڪا.

غيرمعياري کاڌو فراهم ڪرڻ جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو

مٺي: بلاڪ ون تي به هزارين پورهيتن کي غيرمعياري کاڌو فراهم ڪرڻ جو ڪنهن به نوٽيس ناهي  ورتو،جنهن سبب بلاڪ ون جي مزدورن ٻئي ڏينهن به غيرمعياري کاڌو توڙي سهولتون نه ملڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو، پورهيتن ٻُڌايو ته ميسن جا ٺيڪيدار اسان کي غيرمعياري ۽ پاروٿو کاڌو ڏيئي لکين روپيا روزاني ڪمائن ٿا،اسان کان غيرقانوني طريقي سان ڳرا بل في پورهيت کان 12 هزار ماهوار وصول ڪرڻ باوجود به جانورن کان بدتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي،ڪير دانهن نه ٿو ٻُڌي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.