ڪوئيٽه مان اغوا ٿيل ڳڙهي حسن واسي گهر پهچي ويو

ڳڙهي حسن  ( ن ع آ ) ڳڙهي حسن سرڪي ٿاڻي جي حد ڌوئا محلي جو رهواسي نينگر عبدالصمد ڌوئو ولد محمد علي 27 جون تي 13 ميل ڪوئٽه مان نامعلوم جوابدارن هٿان نشو ڏيئي اغوا ڪيو ويو ، جنهن کي جوابدارن 17 ڏينهن گذرڻ بعد ڪالهھ اکيون بند ڪري ساڳئي هنڌ 13 ميل تي نينگر کي اڇلائي ويا جٿان نينگر کسڪي گهر پهتو هوڏانهن 17 ڏينهن  لاپتا بعد نينگر جي گهر پهچڻ تي سندس امڙ ۽ گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي

ڏيپلي جي پراڻي انگريزي اسپيلنگ بحال ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

ڏيپلو(رپوٽر) ڏيپلو جي پراڻي  اسپيلنگ بحال،شهرين جي احتجاج رنگ لاٿو،  ڊي سي ٿرپارڪر ڏيپلو جي انگريزي اسپيلنگ  تبديل ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو ۔ڏيپلو جي پراڻي انگريزي اسپيلنگ Diplo بحال ڪندي ڊي سي ٿرپارڪر نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو۔ ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوهو ڏيپلو جي پراڻي اسپيل Diplo کي غلط قرار ڏئي Deeplo لکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو۔ جنهن تي ڏيپلو جي نالي جي اسپيلنگ تبديل ڪرڻ خلاف شهرين احتجاجي تحريڪ هلائي پراڻي اسپيل بحال رکڻ جو مطالبو ڪيو هو۔ جنهن تي ڊي سي ٿرپارڪر  اڄ  ڏيپلو جي پراڻي اسپيل Diplo  ساڳي رهڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو۔ ان کان پو۽ شهرين ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي .

صحافي شهمير علي جمالي جي ڀائيٽي جو ٽيجهو

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ  ) ڳڙهي ياسين پريس ڪلب جي سينئر صحافي شهمير علي جمالي جو فوت ٿي ويل ڀائيٽو 19 ورهين  ڪوڙل  جمالي جو ٽيجهو ٿي گذريو، ٽيجهي جي دعا ۾ پ پ شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار خان ڪماريو، عبدالقادر جعفري، عبدالنبي سيلرو، منير سيلرو، صحافي  محمد اسلم سومرو، جي ايم ٻرڙو ، منظور گل جکرو، عنايت الله ميمڻ ، صدرالدين ککراڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، محڪم الدين مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.