ھوسڙي لڳ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ھوسڙي  (رپوٽ: روشن علي شورو) ھوسڙي  ڀرسان ڳوٺ جان محمد رند ۾ پنجويھ ورھين جو  نوجوان غلام قادر کٽياڻ ڇت تي مٽي جو راڳو  ڪري رھيو ھو ته گھر جي ڇت مٿان گزرندڙ يارھن ھزار وولٽيج جي بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ڇت تان ڪري پيو جنهن کي سندس ڀاء ستار کٽياڻ ۽ ٻيا وارث  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايل ايم سي حيدرآباد کڻي وڃي رھيا ھئا ته نوجوان رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو پر سندس ڀاء ستار کٽياڻ ۽ ٻيا کيس حيدرآباد سيول اسپتال کڻائي پھتا جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ تصديق ڪندي کين موٽائي ڇڏيو ٻئي طرف نوجوان جو مڙھ سندس گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.