قمبر ۾ بدامني، شهري ايڪشن ڪاميٽي جو ڌرڻو، ٽائرن کي باهه

قمبر)ڊر (قمبر ۾ بدامني خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي طرفان شهداء چونڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي  انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن سراج احمد چانڊيو، رياض حسين دائوداڻي،اعجاز علي چانڊيو، گلشير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائڪيل چوري جون وارداتون عام ٿيڻ لڳيون آهن ٻن ڏينهن ۾ ٽي نيون سي ڊي موٽر سائيڪلن جا تالا ٽوڙي چور  آساني ڪاهي سان فرار ٿي ويا آهن. باگوديرو جمالي محلي مان اعجاز علي چانڊيو جي در اڳيان بيٺل سي ڊي موٽر سائيڪل ماڊل 2021 چور تالا ٽوڙي ڪاهي ويا، زم زم شادي حال ڀرسان گلشير چانڊيو جي سي موٽرسائڪيل ۽ صيف الله ٻرڙو جي نئي سي ڊي موٽر سائيڪل جا گهر اڳيان تالا ٽوڙي آساني ڪاهي ويا پوليس وٽ دانهيو آهي پر ڪوبه ازالو نه ٿو ٿئي پوليس سکڻا دلاسا ڏئي موٽائي ڇڏي ٿي هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنه کان مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شهرين جون چوري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.