شادي پلي ۾ نوجوان ڦاهو کائي انت آڻي ڇڏيو

شادي پلي( ن ع آ ) شادي پلي ويجهو ڳوٺ حاجي پير شاهه جي رهواسي 20 ورهين جو نوجوان نارائڻ  پٽ مير خان ڪولهي گهرن وارن سان ڪنهن  ڳالهھ تان ڪاوڙجي گهر ڀرسان وڻ ۾ رسي سان ڦاهو کائي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، اهڙي اطلاع تي شادي پلي پوليس موقعي تي پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال پٿورو آندو، جتي ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي روڄ ۽ راڙو پئي ويو، وارثن موجب اسانجي نوجوان جو دماغ جو ڪجهھ تيز هو جنهن گهر وان سان معمولي ڳالھ تان ڪاوڙجي اهڙو سنگين قدم کنيو آهي، باقي غريب مسڪين آهيون ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪونهي، اسان جي نوجوان خدڪشي ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.