ڪنري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ گرفتار ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل

ڪنري (ت ر) اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد حسن کوسو پاران شھر جي ڳڙ منڊي ۾ قائم مارڪيٽ جي اڏاوتي ڪم دوران پوليس ساڻ پھتو. اي سي پاران ھلندڙ ڪم واري زمين سرڪاري ايراضي ھجڻ جو  اعتراض واريو ويو. جنھن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ جڳھ جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ پي ٽي آئي جي مقامي اڳواڻ اويس ظاھر آرائين سان تلخ ڪلامي ٿي وئي. جنھن دوران اي سي پاران اويس ظاھر کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. پوليس پي ٽي آئي اڳواڻ اويس ظاھر آرائين کي گرفتار ڪري کيس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جنھن خلاف اي سي جي فرياد تي ڊيوٽي اٽڪاءُ، گارگند، موتمار ڌمڪين سميت ٻيا قلم ھڻي ڪيس داخل ڪيو ويو.اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي.  ته نامزد جوابدار سرڪاري ايراضي تي مارڪيٽ ٺاھي رھيو ھو.

ڪنري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ گرفتار ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل

ڪنري (ت ر) اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد حسن کوسو پاران شھر جي ڳڙ منڊي ۾ قائم مارڪيٽ جي اڏاوتي ڪم دوران پوليس ساڻ پھتو. اي سي پاران ھلندڙ ڪم واري زمين سرڪاري ايراضي ھجڻ جو  اعتراض واريو ويو. جنھن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ جڳھ جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ پي ٽي آئي جي مقامي اڳواڻ اويس ظاھر آرائين سان تلخ ڪلامي ٿي وئي. جنھن دوران اي سي پاران اويس ظاھر کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. پوليس پي ٽي آئي اڳواڻ اويس ظاھر آرائين کي گرفتار ڪري کيس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جنھن خلاف اي سي جي فرياد تي ڊيوٽي اٽڪاءُ، گارگند، موتمار ڌمڪين سميت ٻيا قلم ھڻي ڪيس داخل ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي.  ته نامزد جوابدار سرڪاري ايراضي تي مارڪيٽ ٺاھي رھيو ھو.

ڪنري ۾ ڪرنٽ لڳڻ سب  مزدو زخمي

ڪنري (ت ر) ڪنري ۾ گھر جي مرمتي ڪم دوران بجلي مان ڪرنٽ لڳڻ سب  مزدو زخمي ٿي پيو. شھر جي مرچ منڊي روڊ تي گھر جي  ڪم دوران بجلي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب مزدوري ڪندڙ نوجوان ڪارونجھر ڪالوني واسي اعجاز ولد نيڪ محمد پنجابي سڙي زخمي ٿي پيو. نوجوان کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، جتي علاج بعد کيس داخل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.