سکر ۾ ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي

سکر ( رپورٽر )  ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جي هدايت تي سکر شهر جي مختلف علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪيون ويون،  ان ڏس ۾ سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران ناڪابندي دوران هڪ ڪارروائي ۾ منشيات فروش نصرت ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1500 گرام چرس هٿ ڪري ورتو آهي، هوڏانهن آباد پوليس پاران ناڪابندي دوران هڪ شراب فروش راشد جتوئي کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڊي ايس پي ستار ڦل جي اڳواڻي ۾ سائيٽ ايريا پوليس پاران هڪ ڳجهي اطلاع تي منشيات جي اڏي تي ڇاپو هڻي منشيات ۽ جوا ڊيلر سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان تاش، سميت ٻين قسم جي گيميون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي، هوڏانهن نيوپنڊ ٿاڻي جي پوليس پاران ٻن ڌار ڌار ڪاروائين ۾ آڪڙا پرچي سميت بڪ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري جوابدارن شهبان، ذيشان، اجمل شاهنواز بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻي ڪاروائي ۾  منشيات فروش  صادق عرف نانو چني کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چرس برآمد ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پنو عاقل پوليس به هڪ ڪاروائي ۾ ناڪابندي دوران منشيات فروش غلام نبي ميراڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1400 گرام چرس هٿ ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.