اڏيرو لال لڳ باهه، 5 گهر سڙي رک، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

اڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهووال ) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ محمد ابڙا ۾ شيخ برادري جي گهرن کي باهه سبب 5 گهر سڙي رک اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ محمد ابڙا ۾ شيخ برادري جي گهرن کي چلهه جي  چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب 5 گهر سڙي رک ٿي ويا آهن، جنهن ۾ کٽون، بسترا، 20 مڻ اناج، هڪ نياڻي جو ڏاج، 25 هزار روڪ رقم سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي، جڏهن ته اطلاع جي باوجود فائر بريگيڊ  نه پهتي، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي، متاثرين ۾ ليمون شيخ، الهڏنو شيخ، نواز شيخ، رائو شيخ، جمعو شيخ احتجاج ڪندي چيو ته اسان غريب مسڪين مزدوري ڪري گذر سفر ڪندا آهيون. هنن ٻڌايو ته باهه سبب اسان جو سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو آهي. چوماسي جي موسم آهي، اسان هن وقت کليل آسمان هيٺ ويٺا آهيون، اسان ڊي سي مٽياري کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.