ريڊيو خيرپور جي نشريات ٽن ڏينهن کان بند

خيرپور (ڊر) ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات گذريل ٽن ڏينهن کان مڪمل بند، اسٽيشن ڊائريڪٽر ٽرانسميشن بند هجڻ جو جواز ٽرانسميٽر  جي خرابي ٻڌائي ڇڏي، لکين رپيا پگهارون کڻندڙ انجنيئر هجڻ باوجود ريڊيو پاڪستان خيرپورجي نشريات بند هجڻ تي شهري حيران ۽ پريشان، شهرين پاران فوري طور تي نشريات شروع ڪرڻ جي گهر ڪئي ۽ ٽرانسميشن  بند ڪرائيندڙ عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ياد رهي ته  ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات انڊيا تائين ٻڌڻ ۾ ايندي  هئي ۽ ماڻهو نشريات شوق سان ٻڌي معلومات حاصل ڪندا هئا پر هاڻي خيرپور ريڊيو جي نشريات مڪمل بند آهي جنهن تي سياستدانن ۽ آفيسرن چپ جو روزو رکي ڇڏيو آهي جيڪا حيرت جي ڳالهه آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.