وارهه ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻارڙي فوت

وارھ ( رپورٽ بشير ميرجت) وارهه بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب مصوم ٻارڙي فوت گهر ۾ قهرام امڙ کي بيهوشي جا دورا ڪالوني اندر سوڳ جي  فضا قائم تفصيل موجب وارھ جي لطيف ڪالوني ۾ راند ڪندي  بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 5 سالن جي  معصوم ٻارڙي شبنم  ڌيءَ علي اصغر لاشاري ٿڏي تي فوت ٿي وئي  فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ وارھ سرڪاري تعلقہ اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم بعد نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪيو فوتي ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ويو امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا واقعي تي ڪالوني اندر سوڳ ڇائنجي ويو!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.