ڪشمور پوليس 12 مقتولن جا قاتل گرفتار نه ڪيا، علائقي ۾ خوف

غوثپور (ن ع آ) غوثپور ٻھ مھينا اڳ دراني مھر پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ مينگل چاچڙ ۾ جاگيراڻي گينگ ۽سبزوئي گينگ جي ھٿياربندن جي حملي ۾ چاچڙ برادري جي 12  مقتولن کي ٻھ مھينا گذري ويا. ڪشمور پوليس 12 مقتولن جي قتل ڪيس ۾ گهربل 62 جوابدارن  مان ڪشمور پوليس ھڪ جوابدار کي به گرفتار نه ڪري سگهي آهي، چاچڙ برادري جا متاثر ڪشمور پوليس کان مايوس، پريشان.چاچڙ برادري جي 12 مقتولن جا وارث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ۽ انصاف جي اوسيئڙي ۾ بي يارو مددگار بڻيل. پوليس مقتولن جي وارثن کي احتجاج ڪرڻ کان خاموش ڪري ڇڏيو. جوابدارن جي گرفتاري جا ڪوڙا دلاسا ڏيڻ لڳي  ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب ھجڻ جي ڪري عوام جو ساھ مٺ ۾ سج لهڻ کان پوءِ ڏوهارين جا ٽولا ضلعي ڪشمور جي مختلف شهرن ۾ ھٿيارن کڻي روڊن، ھوٽلن تي اچي عوام ۾ حراس پکيڙين ٿا. ھڪ مھينو اڳ دڙي سندراڻي ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ھٿياربندن گشتي پوليس موبائيل تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ضلعي خيرپور اڪري چودڳي پوليس اھلڪار سجاد خاصخيلي کي شھيد ڪري ڇڏيو هو. ان جي جوابدارن کي به پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي. پنج ڏينهن اڳ ڳوٺ مارک ڀيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار خادم ڀيو پنهنجي نوجوان گھرواري مسمات شاھدان ڀيو کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو. ان جي ڪيس ۾گهربل جوابدارن کي به ڪشمور پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ڪشمور ضلعي اندر امن امان جي صورتحال تمام خراب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳي. ڪشمور پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس بڻيل.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.