دوائن تي ٽيڪس لڳائڻ خلاف مختلف شهرن ۾مظاهرا، احتجاجي ريليون

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا ) دوائن تي ٽيڪس لڳائڻ خلاف مختلف شهرن ۾مظاهرا، احتجاجي ريليون، تفصيل موجب  دوائن تي ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف واپارين ۽ ميڊيڪل اسٽور مالڪن سميت  سياسي سماجي ڪارڪنن مختلف شهرن ۾احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا، اسلام ڪوٽ ۾ ڪلديپ پارواڻي،آل واپاري ايسوسيشن واشديو کيتارام،قميت لوهاڻو،ڪشور ڪمار،پرديپ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون موڙ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ڏهرڪي ۾شنڪر لال، سنيل ڪمار، سيٺ ببي رام، بسنت ڪمار، انوپ ڪمار، جيئرام داس، روي ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو، ڊگهڙي ۾نثار احمد آرائين،جنرل سيڪريٽري طاهر عزيز قائمخاني،پريم ڪمار مهيشوري،حاجي احمد علي،دليپ ڪيلا،ڀورا لال مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، خانپور مهر ۾لڇمڻ داس، جئه پرڪاش، سري چند لال، وشن داس ،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپور ماٿيلو ۾سنديپ ڪمار وڪرم لعل ستيوان داس جئرام داس سريش ڪمار سنيل ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو، شادي پلي ۾شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو، شاهپورچاڪر ۾  محمد علي پلھ خليل رخشاڻي شنتوس ڪمار عبدالرحيم ڏاھري ھري رام ۽ بين جي اڳواڻي ۾مظاهرو ڪيو ويو، اوٻاوڙو ۾ڌرم داس چاولا جنرل سيڪريٽري عبدالرزاق نھڙ، نائب صدر زاھد حسین جماڻي، بسنت لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾مظاهرو ڪيو ويو، ڇور ۾حافظ مير محمد نھڙي  شاھنواز نھڙي، منور سنگھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو، کپرو ۾ ڪمليش , چنديرام , دليپ ڪمار , وڪي بختواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾مظاهرو ڪيو ويو، انب موري ۾شھزاد حسين آرائين نائب صدر ڊاڪٽر نند لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪومت عوام دشمن فيصلو ڪندي 1سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس جي نالي تي ميڊيڪل اسٽور مالڪن کان ڀتو وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو ميڊيڪل اسٽور مالڪن ۽ عوام سان سراسر ظلم آهي هنن چيو ته غريب عوام اڳ ئي مهانگائي سبب ضروري دوائون گوريون خريد ڪرڻ جي سگھ نٿي رکي ويتر مٿس ٽيڪس لڳائي جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي،ڪرونا وائرس جتي ڪاروبار سخت متاثر ڪيو آهي اتي حڪومت به ڪا ڪسر ناهي ڇڏي هنن مطالبو ڪيو ته ايڊوانس ٽيڪس جي شق 236G ۽ 236H جو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.