ڪراچي مان اغوا ٿيل نينگري دادو مان آزاد

دادو (ڊ ر )دادو ۾ ڦلجي وليج ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ دوران ڪراچي جي مڇر ڪالوني مان اغوا ڪيل 8 سالن جي نينگري کي بازياب  ڪرائي ورتو آهي. ايس ايڇ او ڦلجي وليج گلزار احمد ڪانڌڙو جو چوڻ آهي ته ٿرڙي جادو شهيد روڊ تي گشت دوران هڪ شڪي شخص اٺن سالن جي معصوم نياڻي کي ڪلهي تي کڻي وڃي رهيو هو جنهن پوليس موبائيل کي ڏسي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان کيس سوگهو ڪري جاچ ڪئي ته هن پنهنجو نالو لطيف نائچ ظاهر ڪيو جڏهن ته ٻارڙي پنهنجو نالو ثمينه ٻڌايو ۽ تعلق ڪراچي جي مڇر ڪالوني سان ٻڌايو آهي. هن چيو ته نينگري ٻڌايو ته مونکي ڪپڙا ۽ چپل وٺي ڏيڻ بهاني هي شخص کڻي آيو آهي. گرفتار جوابدار ۽ ٻارڙي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عدالتي حڪم تحت وڌيڪ ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.