اڪري چودڳي ۾ بدامني، دڪان مان چوري

اڪري چودڳي (ن ع آ) اڪري ٿاڻي جي حد کنياري شهر مان  هڪ هفتي اندر ساڳي دڪاندار جي ٻيو دفعو چوري پوليس خاموش تماشائي عوام چورن جي رحم ۽ڪرم تي گذارڻ لڳو خبر موجب اڪري ٿاڻي جي حد ۾ کنياري شهر ۾ عابد چني جي ميڊيڪل اسٽور مان رات نامعلوم چور ليپ ٽاپ ،بيٽريون۽ 65 هزار روڪ رقم چوري ڪري وياهڪ هفتو اڳ پڻ ساڳي دڪان مان روڪ رقم ۽ دوائون پڻ چوري ٿي ويون هيون جن جو چورن سميت اڪري پوليس پتو لڳائڻ ۾ هن مهل تائين ناڪام ٿي چڪي آهي اڪري پوليس جي غفلت سبب اڪري ۽آس پاس جي علائقن ۾ چور بي خوف ٿي سرگرم بڻجي ويا جڏهن ته عوام چورن ۽ڦورن جي رحم ڪرم تي گذارڻ لڳي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.