افغانستان ڪانفرنس ۾ طالبان کي دعوت ناهي ڏني: پاڪستان

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته افغانستان بابت ٻن ڏينهن جي امن ڪانفرنس 18 ۽ 19 جولاءِ تي  اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهي آهي. ڪانفرنس ۾ افغان طالبان کي دعوت ناهي ڏني وئي، افغانستان ۾ عسڪري قبضي خلاف آهيون، افغان قيادت پنهنجون توانائيون امن عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ استعمال ڪري. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي هفتيوار بريفنگ دوران چيو ته پاڪستان 18 ۽ 19 جولاءِ تي افغانستان بابت ٻن ڏينهن واري امن ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ڪانفرنس ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندڙن شرڪت جو يقين ڏياريو آهي، ڪانفرنس ۾ افغان قيادت کي دعوت ڏني وئي آهي. هن چيو ته 17 جولاءِ کان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان پهچڻ شروع ٿي ويندا. ان ڪانفرنس جي ملتوي ٿيڻ جا سوشل ميڊيا جا اطلاع بي بنياد آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ سيڪيورٽي خال کي دهشتگرد استعمال ڪري سگهن ٿا. ترجمان چيو ته اسان افغانستان ۾ ٿيندڙ تبديلين جو ويجهڙائيءَ کان جائزو وٺي رهيا آهيون، اسان افغانستان ۾ عسڪري قبضي جي خلاف آهيون. پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ افغان تڪرار جو پُرامن حل چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته افغان معاملي جو ڪو عسڪري حل ناهي. ترجمان چيو ته افغان قيادت لاءِ ضروري آهي ته اها پنهنجون سموريون توانائيون افغان امن عمل کي اڳيان وڌائڻ ۾ استعمال ڪري، افغانستان جي ڌرتي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته خطي جي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ علائقائي استحڪام ضروري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته اسپن بولدڪ جي لنگهه تان روزانو 20 هزار افغان سرحد جي آرپار وڃي رهيا آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته جلد کان جلد اسپن بولدڪ جي سرحدي لنگهه کي کوليو وڃي، اسان وڌيڪ افغان پناهگيرن جو بار کڻي نٿا سگهون. ترجمان چيو ته پاڪستان ترڪي طرفان افغانستان ۾ امن جي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اپر ڪوهستان بس حادثي ۾ ڪنهن به قسم جي امڪان کي نظراندز نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته ان جي حوالي سان جاچ جاري آهي. چين جي شهرين جي سيڪيورٽي هميشه پاڪستان جي اولين ترجيح رهي آهي، ڀارت طرفان جاسوس ڪبوترن بعد هاڻي ڊرونز جا الزام پاڪستان تي لڳايا پيا وڃن، ڀارت اهڙا غير سنجيده الزام لڳائي پاڻ پنهنجو مذاق اُڏائي رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ترجمان چيو ته پرڏيهي آفيس گڏيل عرب امارات جي سفر جي خواهشمند پاڪستانين کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪندي، جڏهن ته اسان سعودي عرب کان چين جي ويڪسين جنهن کي صحت جي عالمي اداري تسليم ڪيو آهي ان کي تسليم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اها آسانيءَ سان ملڻ سبب وڌيڪ پاڪستانين چين جي ويڪسين لڳرائي آهي. ترجمان چيو ته ڪشميري حريت پسند نوجوان برهان واني جي عدالت کان مٿاهين قتل وسيلي شهيد ڪيو ويو، برهاني واني شهيد جي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ترجمان هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ڀارت جي پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مالي معاونت جو معاملو عالمي سطح تي اُٿاريو آهي، اسان ماضيءَ ۾ به ان حوالي سان ناقابل ترديد شاهديون پيش ڪيون جڏهن ته ڀارت دهشتگردي کي رياستي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.