طالبان پاران 7 هزار قيدي ڇڏڻ عيوض 3 مهينا جنگبنديءَ جي آڇ

ڪابل (م ڊ) افغان حڪومت جي هڪ نمائندي چيو آهي ته طالبان 7 هزار باغي قيدين جي آزادي جي بدلي ٽن مهينن جي جنگبندي جي آڇ ڪئي آهي. حڪومتي ترجمان نادر  نادري موجب اهو هڪ وڏو مطالبو آهي، جڏهن ته طالبان گڏيل قومن جي بليڪ لسٽ ۾ شامل پنهنجي ليڊرن جي نالن کي به ان فهرست مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ئي طالبان اسپين بولدڪ ضلعي جي جابلو علائقي تي قبضو ڪيو هو. 03

پاڪستان ۽ افغان طالبان ۾ رابطو، باب دوستي مان پنڌ اچ وڃ بحال

چمن(م ڊ) افغان طالبان ڪمانڊر ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي اختيارين جو باب دوستي تي پهريون رابطو ٿيو آهي جنهن کان پوءِ باب دوستي کي ٻن ڏينهن جي بندش کان پوءِ پنڌ ايندڙ ويندڙن لاءِ کوليو ويو.  ليويز اختيارين موجب افغان طالبان ڪمانڊر ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي اختيارين جو چمن ۾ باب دوستي تي پهريون رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ طالبان ۽ پاڪستاني اختيارين باب دوستي بابت اهم اجلاس ٿيو. ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته باب دوستي کي 2 ڏينهن بندش کان پوءِ پنڌ ايندڙ ويندڙن لاءِ کوليو ويو آهي جنهن کان پوءِ ٻنهي پاسن کان ڦاتل پاڪستاني ۽ افغان شهرين جي اچ وڃ شروع ٿي وئي. اختيارين موجب پاڪستان ۾ ڦاٿل افغان شهري افغانستان وڃي سگهن ٿا جڏهن ته افغانستان ۾ ڦاٿل رڳو پاڪستاني شهري واپس اچي سگهن ٿا. 03

عمران خان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو: حامد ڪرزئي

دبئي(م ڊ) افغانستان جي اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي چيو آهي ته پاڪستان جو وزيراعظم افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته افغانستان ۾ امن جو قيام افغانين جي بنيادي ذميواري  آهي،افغانستان ۾ گهرو ويڙهه سان ڪيتريون ئي طاقتون فائدو وٺي رهيون آهن، افغانستان انٽيلجنس ادارن القاعده جي موجودگي جي ڳالهه ناهي ڪئي، هن چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو، افغانستان آمريڪا لاءِ اسٽريٽجڪ حيثيت رکي ٿو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.