پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ افغانستان بابت نئين بلاڪ تي اتفاق

تاشقند( م ڊ) پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ ريلوي لائن رٿا، واپار ۽ ٻين مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. جڏهن ته پاڪستان  ۽ ازبڪستان ۾ افغانستان بابت نئين بلاڪ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. تاشقند ۾ ٻه طرفن معاهدن تي صحيحون ڪرڻ بعد وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪ صدر شوڪت مرزا ايوف چيو ته  اسان هڪ مقصد لاءِ آيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ازبڪستان کي ڀارت تائين پهچ ڏيڻ چاهيون ٿا. ڀارت تائين پهچ لاڳاپا بحال ٿيڻ بعد ئي ملندي. هوڏانهن پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ افغانستان بابت نئين بلاڪ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. بلاڪ ۾ ازبڪستان، تاجڪستان، ايران، پاڪستان، ترڪي شامل هوندا. بلاڪ افغانستان مسئلي جي حل جي ڪوشش ڪندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.