نيويارڪ ۾ ملڪيت، آصف علي زرداري ٻيهر نيب وٽ طلب

آراولپنڊي (م ڊ) نيب راولپنڊي اڳوڻي صدر آصف زرداري کي ٻيهر طلب ڪرڻ جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب اڳوڻي صدر  کان آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ غيرقانوني طريقي سان فائدا حاصل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جواب ڏيڻ لاءِ ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ لکيل آهي ته اوهان جي درخواست تي 23 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون. آصف زرداري کي 16 جولاءِ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.اڳوڻي صدر کان آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ فليٽ بابت دستاويز به طلب ڪيا ويا آهن. آصف زرداري کي نوٽيس ان جي اسلام آباد ۽ ڪراچي جي گهرن ڏانهن اماڻيو ويو آهي. پهرين نوٽيس ۾ نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان جواب گهريو هو ته نيويارڪ ۾ ملڪيت ڪيئن ٺاهي؟ نيب نيويارڪ فليٽ بابت آصف زرداري کي سوالنامو ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ نوٽيس اماڻيو. اڳوڻي صدر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت به حاصل ڪري رکي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.