اڳوڻي صدر ممنون حسين جي تدفين، جنازي ۾ اڳواڻ شريڪ

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صدر ممنون حسين جي جنازي نماز ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مسلم ليگ ن ٻين اڳواڻن  سميت مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اڳوڻو صدر ممنون حسين بيماري وگهي گذريل ڏينهن ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو . ممنون حسين جي جنازي نماز ڊفينس جي سلطان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي.  جنازي نماز مفتي تقي عثماني پڙهائي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، اڳوڻي گونر محمد زبير، پ پ جي وقار مهدي سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اڳوڻي صدر ممنون حسين کي ڊفينس فيز 8 جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ممنون حسين جي ڳڻپ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻن ۾ ٿيندي هئي، هو 1999 ۾ سنڌ جو گورنر ۽ 2013 کان 2018 تائين ملڪ جو صدر به رهيو. ممنون حسين 23 ڊسمبر 1940 ۾ هندستان جي شهر آگرا ۾ پيدا ٿيو، سندس خاندان 1947 ۾ لڏپلاڻ ڪري پاڪستان آيو،  هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ممنون حسين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، هن چيو ته هڪ ساٿي کان محروم ٿي ويو آهيان. 03

سنڌ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 25 مريض فوت، 1466 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 25 مريض فوت ۽ 1466 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، وڏي وزير پاران وزيرعليٰ هائوس مان بيان ڄاڻايو ويو آهي ته ڪورونا  وائرس سبب وڌيڪ 25 مريض فوت ٿيا  ۽ فوتين جو انگ وڌي 5672 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 15201 ٽيسٽ ڪيا ويا جهن مان 1466 ڪيسن ظاهر ٿيا جيڪي 9.6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 4742252 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 352455 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن انهن مان 90.6 سيڪڙو يعني 319445 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 649 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 27338 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 26365 گهرن ۾، 908 مختلف اسپتالن ۾ ۽ 65 مريضن کي آئسوليشن سينٽرن علاج هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 836 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 59 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 1466 نون ڪيسن مان 1116 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 391، ضلع سينٽرل 296، ضلع ڏکڻ 225، ضلع ملير 87، ضلع ڪورنگي 81 ۽ ضلع اولهه 36 شامل آهن. حيدرآباد 61، ٺٽو 41، مٽياري 35، دادو 32، سکر 19، شهيد بينظير آباد 18، نوشهروفيروز ۽ ڄامشورو 13-13، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين 11-11، سانگهڙ 10، ڪشمور، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر 9-9، سجاول ۽ عمرڪوٽ 8-8، خيرپور 4 ۽ جيڪب آباد 3 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.

لاڙڪاڻي ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾ نينگري فوت، لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو نيشل هاءِ وي تي روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ ڳوٺ پليو خان گوپانگ واسي 8 ورهين جي نينگري زهره ڌيءُ سبحان علي  گوپانگ فوت ٿي وئي اهڙي واقعي خلاف وارثن نينگري جي لاش نيشنل هاءِ وي تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي فوتي نينگري جي پيءُ سبحان علي گوپانگ پنهنجي مائٽن سهراب علي، شوڪت گوپانگ، غلام عباس، ذوالفقار گوپانگ ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو اڄ صبح جي وقت منهنجي ڌيءَ زهره ڳوٺ ٻاهران روڊ ڪراس ڪري رهي هئي ته سامهون ايندڙ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال آندو پر هوءَ رستي ۾ فوت ٿي جڏهن ته حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو. هن چيو ته نيشنل هاءِ وي تي بريڪر نه هئڻ سبب اڳ به روڊ حادثن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن .

اوٻاوڙي ڀرسان کير وڪرو ڪندڙ پورهيت اغوا

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو لڳ ماڇڪو ٿاڻي جي حد نورشاھ واري علائقي مان کير وڪرو ڪندڙ پورھيت صاحب ولد سرفراز سيلرو مبينا طور   ھٿياربندن ھٿان رستي مان اغوا ٿي ويو علائقي واسين رستي ۾ موٽر سائيڪل پيل ڏسي مغوي جي وارثن کي اطلاع ڏنو مغوي جي وارثن اھڙو اطلاع ماڇڪو ٿاڻي تي ڏنو اطلاع باوجود مغوي کي بازياب ڪرائڻ لاء پوليس ھٿيار بند خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي ان موقعي تي مغوي جي والد سرفراز سيلري ٻڌايو ته اسين مسڪين آھيون منھنجو پٽ علائقي مان کير وٺي شھر ۾ وڪرو ڪري گھر جو گذر سفر ھلائيندو ھو جيڪو اڄ موٽر سائيڪل تي نورشاھ واري علائقي مان کير وٺڻ ويو ته ان کي نامعلوم ھٿيار بند اغوا ڪري ويا آھن علائقي واسين رستي ۾ موٽر سائيڪل ڏسي اسان کي اطلاع ڏنو اسين اھڙو اطلاع  ماڇڪو پوليس کي ڏنو مگر پوليس ڏوھارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي

موري ڀرسان هٿياربندن دڪاندار قتل ڪري ڇڏيو

مورو(رپورٽ:شاھنوازڀٽي)مورو پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالغفور ٻگھيو ۾ ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربندن گوليون ھڻي دوڪاندار کي  قتل ڪري ڇڏيو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي گھر ۾ ڪھرام پيرائتي خبر موجب مورو پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي عبدالغفور ٻگھيو ۾ ڏينھن ڏٺي جو ريزڪي دوڪان تي ويٺل عبد الفتاح ٻگھيو ولد رضا محمد ٻگھيو کي ٽن ھٿياربندن گولين ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي مورو پوليس جي ايس ايڇ او محمد حنيف مھر ۽ وڏي منشي قربان ڪلھوڙو پوليس موبائل ۾ لاش کڻائي مورو اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن لاش جو پوسٽ ماٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو مقتول جي ڀائرن چيو ته اسان جي ڀاء کي پنھنجي برادري جي ماڻھن قتل ڪيو آھي ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي مورو پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد حنيف مھر ٻڌايو ته واقعو پراڻي سڱاوتي تڪرار سبب پيش آيو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.