ڪشمير ۾ گنڊاپور جي قافلي تي پٿراءُ، محافظن جي فائرنگ

مظفر آباد( م ڊ) ڪشمير ۾ چونڊ مهم تي ويل وفاقي وزير علي امين گنڊاپور  جي قافلي تي پٿراءُ ٿيو آهي. جهلم وادي جي کنڊو بن واري  علائقي ۾ وفاقي وزير جو قافلو گذرڻ دوران قافلي تي پٿراءُ ڪيو ويو. جنهن تي وفاقي وزير جي محافظن به هوائي فائرنگ ڪئي. امين گنڊاپور جي قافلي تي ٽماٽا ۽ بيضا به اڇلايا ويا.  آزاد ڪشمير ۾ چونڊ مهم جاري آهي، خاص ڪري مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز ۽ پي ٽي آءِ پاران وفاقي وزير امين گنڊاپور مهم ۾ مصروف آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.