پ پ سنڌ پاران علي امين گنڊاپور خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ پي ٽي آءِ جي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور  طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بابت غلط زباني  استعمال ڪرڻ واري عمل خلاف آچر واري ڏينهن سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،پيپلپزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهوڙي چيو آهي ته پيپلپزپارٽي جا اڳواڻ احتجاج ريڪارڊ ڪرائي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بابت غلط ٻولي ڳالهائيندڙ امين گنڊاپور کي جواب ڏيندا،هن چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار جو ٽولو ليڊرشپ خلاف غلط ٻولي استعمال ڪري انتشار پيدا ڪري رهيوآهي،جڏهن ڪشمير جو عوام پئسو تي نه وڪامجي سگهيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو خلاف غلط ڳالهايو،هن چيو ته وزيراعظم عمران خان علي امين گنڊاپور پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بابت غلط زبان استعمال ڪرڻ تي نوٽيس وٺي وزارت تان فارغ ڪري  جيڪڏهن علي امين گنڊاپور جي اهڙي عمل تي نوٽيس نه ورتو ويو ته پيپلزپارٽي جا ڪارڪن به جواب ڏيڻ جي همت رکن ٿا،پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران ڪڏهن پارليامينٽ جي توهين ته ڪڏهن عورتن ته ڪڏهن وري ليڊر شپ خلاف غلط بياني بازي ڪندا آهن،ان مان اهو ثابت ٿي ويو آهي ته حڪومت هلائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ پي ٽي آءِ جي گارگند برگيڊ واي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.