ڪورونا ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌي وئي، 47 فوت

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۽ فوتگين جي سلسلي ۾ واڌ ڏسڻ ۾ پئي اچي ۽ اڄ به عالمي وبا سبب 47 ڄڻا  لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته 2545 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 48 هزار 910 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 2545 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 47 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا. هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.2 سيڪڙو رهي. ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22689 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 9 لک 81 هزار 392 تائين پهچي ويا. 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 1030 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.