چوٿين لهر جو شڪ، وفاق سنڌ جي فيصلن جي حمايت ڪري ڇڏي

ڪراچي(م ڊ) صحت بابت وزيراعظم جي خاص مدگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌندڙ ڪيس جي ڪري عيد الضحيٰ تي  پابندين جو اشارو ڏئي ڇڏيو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر اچي رهي آهي ۽ اين سي او سي روزاني جي بنياد تي فيصلا ڪندي آهي ۽ موجوده حالتون ٻڌائي رهيون آهن عيد محدود پيماني تي ٿيندي، هن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ويرنيٽ 50 کان 50 سيڪڙو تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، ڪا به ويڪسين هڪ سئو سيڪڙو موثر ناهي هوندي پر ضروري آهي ته سڀني ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ لڳائي وڃي، موجود ويڪسين تمام ويرينٽس تي اثر ڪري ٿي، سنڌ حڪومت جي ڪورونا پابندين جي حمايت ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جو فيصلو بهتر آهي، مان ان فيصلن سان متفق آهيان، ڇو ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 19 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. جلد ڪورونا ويڪسين سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جا مسئلا حل ٿي ويندا. آگسٽ کان اندرون ملڪ سفر جي لاءِ به ڪورونا سرٽيفڪيٽ ڏيکارڻو پوندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.