جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

تحرير: يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته “ادا… تو واري بلاول جي جيڪا آمريڪا ۾ آجيان ٿي رهي آهي، اها ميڊيا تي ڪارپت وڃائڻ لاءِ ڪافي آهي، ان کان بهتر هو ته ڪنهن سٺي سيزن ۾ وڃي ها، جڏهن سڄي دنيا جا سربراهه اتي هجن ها ۽ هي سڀني سان ملاقات جي ڪوشش ڪري ها، ته پوءِ ملڪي سطح تي هن جي بيانن جي آجيان سڄي دنيا ڪري ها، سوشل ميڊيا ن ليگ وارن پنهنجي هٿ ۾ رکي آهي، ۽ اهي ڪڏهن به بلاول جي ترقي ۽ تعريف کي برداشت نه ڪندا، ان ڪري انهن جي “ميڊيا وار” بلاول جي پٺيان پٺيان کيس ڪمزور، هلڪو ۽ وائڙو ڏيکارڻ لاءِ هر وقت جاري آهي، باقي هن وقت آصف زرداري جو پٽ ڪا ڪچي راند نه رهڻ ويو هوندو، بينظير جو پٽ آهي، جنهن کي هوسٽن جي يونيورسٽي ۾ تقرير ڪرڻ جي دعوت ملي آهي، جيڪو وڏو اعزاز به آهي، بينظير کي به اهو اعزاز حاصل ٿي چڪو آهي، ان کان علاوه سياسي پروموٽرن جي ٽيمن سان ملاقات جو سلسلو ميڊيا تي نه آڻبو آهي، باقي مختصر دوري ۾ هو ڪنهن ٻي ملاقات جي بڪنگ ڪرائڻ ويو هوندو، ڇو ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن کي سٺو ماحول ڏيئي، وري اهو گرم ماحول ن ليگ جي حوالي ڪري، هفتي کن لاءِ ميدان ڇڏي وڃڻ ڪا عقل جي ڳالهه نه هئي، پر حڪمت عملي حڪملي عملي هوندي آهي، سا آصف جي هجي، يا ادارن جي هجي، پر آهي ڪا اهڙي ڳالهه جنهن جي لاءِ ڀلي هو سي وي پيش ڪرڻ ويو هجي، جيڪو سڀئي مٿس الزام هڻي رهيا آهن، پر وقت ۽ حالتن جو انتظار ڪرڻ سان وقت وڏو فائدو ڏيندو آهي، جڏهن ته سنڌي ۾ چوڻي آهي ته “تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي” ان ڪري جيڪڏهن بلاول کان تڪڙ ڪرائي ڪو ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته به افغان صورتحال کي مد نظر رکي پوءِ ايندڙ حڪمت عملي لاءِ جاکوڙ ڪجي ها، ڇو ته طالبان افغانستان ۾ اهي ئي طالباني نظام آڻڻ چاهين ٿا، يعني مذهبي حڪومت، نه ڪي جمهوري حڪومت.”

ڪامريڊ سليم ٽهڪ ڏيندي چيو ته “جهونا جوڳي… ڪڪڙن جا خفتي ڇا ڪندا آهن جو جيڪو ڪڪڙ جو ٻچو وڙهڻ لاءِ تيار ڪندا آهن، اڃان ان جون کڙهون نه نڪتيون هونديون آهن، ته پوءِ هو ان کي ويڙهه تي هيرائڻ لاءِ نقلي چمڙي واريون کڙهون ٻڌي، وڏن ڪڪڙن سان ڦڙڪائي وڙهڻ جي هير وجهندا اٿس، ساڳئي ريت بلاول في الحال ڦڙڪائڻ جي مرحلي ۾ آهي، نه ڪي وڙهائڻ جي مرحلي ۾، اڃان ٻچو آهي، مرد ٿيندو ته پوءِ مردن سان مقابلو ڪندو، باقي عمران خان هن وقت حڪمرانن جي لسٽ ۾ سهڻو، ايماندار، مقبول، دلير ۽ اڪيلو حڪمران آهي، جيڪو عالمي قوتن سان جنگ جوٽي بيٺو آهي، ۽ ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي غيرت جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪي پروٽوڪول پنهنجن کان ڦريا اٿس، پنهنجا گهٽايا اٿس، ان مان پنهنجا ئي ناراض ٿي پيا اٿس، پوءِ جيئن وڻ پوکڻ جي مهم جا اربين ٻوٽا پوري ملڪ ۾ لڳائڻ جي بجيٽ به جاري ٿيندي رهي آهي، اعلان به ٿيا، ٽي وي پروگرام به آيا، پر تازو صرف وزيراعظم خيبر پختونخواهه صوبي جي پهاڙين ۾ وڻڪاري ڏيکاريندي اعلان ڪيو آهي، ته آئون ملڪ کي سرسبز ڇڏيندس، تنهن مان ثابت ٿيڻ گهرجي ته ٽي صوبا تعاون ڪن، عوام تعاون ڪري يا نه ڪري، پر هي دلير ليڊر پنهنجي قول جو پڪو ۽ ڪنهن حد تائين پنهنجي اعلان کي تڪميل تي پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، حالانڪه سوشل ميڊيا پل پل جي سٺي خراب خبر عوام اڳيان آڻيو ڇڏي، ۽ عمران خان به روز ٽيوٽر تي پنهنجي پوسٽ هڻي، اڄ جي ڊوڙ ۾ پاڻ کي شامل رکيو اچي، هاڻ اڍائي سال ٽي سال ڏانهن وڌي رهيا آهن، ۽ مٿان محرم کان پوءِ ٽي سال پورا ٿي وڃڻ جي ڪري، ملڪ ۾ لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۽ نئي اليڪشن جي تيارين جو عمل شروع ٿيندو، ۽ مخالفن جا بائيڪاٽ جا اعلان به جاري ٿيندا، اهو کيل آهي جيڪو ڏسڻ ۾ اچي پيو، عمران خان هر حال ۾ ڪشمير اشو کي تازو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، ۽ هاڻ هن جو آواز سڄِي دنيا ٻڌي ٿي، ان ڪري هاڻ ڪشمير جي متعلق هاڻ اقوام متحده توڙي خارجي پاليسي ۾ تبديلي اچڻ سان هندستان جا سمورا ميڊيا وارا هينئر اسان جي ادارن جي پٺيان اچي پيا آهن، ته اهو عمل آمريڪا جو سمجهجي نه ڪي انڊيا جو.”

تڏهن مواليءَ ٽهڪ ڏيندي چيو ته “چشمو بدلايو ته ڳالهه چٽي ڏسڻ ۾ اچنائو، بلاول ڪو ٽافيون وٺڻ ڪونه ويو آهي، هن خطي جي نئين قيادت جي مالڪ جي حيثيت ۾ صلاحن ۽ ايندڙ دور جي منصوبه بندين وارن ادارن جي سيمينارن ۾ ۽ بند ڪمرن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو اظهار ڪرڻ ئي سندس ايندڙ دور جي وڏي قيادت ۾ پير پائڻ برابر آهي، تنهن ڪري پي ٽي آئي ۽ ن ليگ وارا معصوم ٻار جي پٺيان جيڪا ڀنڊي ٻاري بيٺا آهن، تن کي اهي ئي رويا پنهنجا يوٽرن ڏيئي مٽائڻا پوندا، ۽ اهوئي اسان جي ملڪ ۾ باقي بچيل مک سياستدانن جي ڪردار مان عوام کي ملي رهيو آهي، عوام جي عذابن کي وڌائڻ، معيشيت کي ترقي ڏانهن تکو کڻي وڃڻ ۽ ملڪي سطح تي جيڪي خزائون پاڻي جي کوٽ ۽ برسات جي گهٽ پوڻ سبب پيدا ٿيون آهن، انهن جا علاج ڪرڻ لاءِ پرڏيهي قوتن کان يا چائنه کان زرعي مددون وٺي، هن ملڪ جي تباهه ٿيندڙ زراعت کي ۽ زرعي زمين کي بچايو ويو، ته پوءِ هي اسان جو عظيم الشان ملڪ زراعت جي پيداوار ۾ پيٽرول وارن ملڪن کان وڌيڪ خوشحال آهي، ۽ خوشحال ٿي سگهي ٿو، سنڌ اڄ به سيني ۾ سوين سور سانڍيندي، ڪونڍر ڪهائيندي وفاق کي پالي رهي آهي، ۽ گهرو دشمن سان منهن ڏيئي رهي آهي، عالمي ادارن يا ملڪي دشمن قوتن وٽ وڏي ۾ وڏو پروگرام ئي پ پ جو خاتمو آهي، ۽ ان عالمي جنگ کي اسان جو شهزادو ايندڙ دور ۾ ڪيئن ٿو منهن ڏي، اها دنيا ڏسندي ۽ پاڻهي اهو نعرو هڻندي ته “بلاول ئي اسان جو هيرو آهي، اڪيلو بلاول هيرو آهي، دشمن اسان جو زيرو آهي.”

تڏهن مون چيو ته “بابا… ڪڪڙن جا ميل ۽ ماڻهن جي ميل ۾ وڏا فرق ٿيندا آهن، اڄ ٽيڪنالاجيءَ جي ايڏي تيزائي انسانن جي گهرن ۾ گهڙي پئي آهي، جو ماڻهو سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرڪ ميڊيا جي ذريعي هزارن ميلن جو سفر هڪ لمحي ۾ ڪري رهيو آهي، ان ڪري سياست جا پويان رويا ۽ گر هاڻ ختم آهن، بلڪه نئين دور جي سائنسي تقاضا مطابق هر ملڪ ۾ چند سرمائيدارن جي اجارا داريءَ سان ادارن جي ٽيڪن تي جيڪا سياست بازي ٿيندي رهي آهي، ان ۾ 74 سالن ۾ چند فرد ۽ چند خاندان ئي ملڪي سياست ۽ حاڪميت تي حاوي رهيا آهن، دنيا مڃي پئي ته اصلي نظرياتي مسلمانن جو هن صديءَ جو هيرو اڪيلو ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو، جنهن دنيا کي جيئڻ سيکاريو، مسلمانن کي غيرت سيکاري ۽ پاڪستانين کي ذهني آزادي ڏياري، سنڌ کي خوشحال بنائي، دنيا جي مالڪي ڪرڻ جو رستو ڏيکاري ڇڏيو آهي، اهي سنڌي ئي آهن جن جي بيل گاڏيءَ جي ويل دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين انسان کي پهچايو، اها جت قوم اٺ هلائيندي، ڪاروبار ڪندي، سنڌ مان هلندي سڄي دنيا ۾ پنهنجا اثر ۽ ڪلچر ڇڏيندي، جڏهن “ريڊ انڊين” (ريڊ ايشيا) ۾ وڃي تبديل ٿيا، تڏهن سنڌ جي ثقافت ۽ ماڻهو سنڌ کان سفر ڪري، پنهنجي محبت واري خوبصورت ثقافت سان دنيا ۾ ڇائنجي ويا، انگريزن جي اسڪالرن ۽ هٿان ڀڄي ويندڙ انگريزن پنهنجي تاريخ ۾ لکي ڇڏيو آهي، ته سنڌين کي هميشه علم جي روشني کان محروم رکجو، ورنه هنن جي ثقافت جا سچا جذبه ۽ انسانيت وارا اوچا آدرش، سڄي دنيا ۾ سنڌين جي طاقت کي هڪ ڪري ڇڏيندا، ته واقعي سنڌي دنيا تي راڄ ڪري سگهن ٿا، جيئن ڪجهه ڏينهن اڳي فيس بڪ تي سعودي عرب ۾ ويٺل عربن پنهنجو تعارف سنڌي عربن جي حيثيت ۾ ڪرائيندي ٻڌايو ته ڪو ماتلي جو ته ڪو ٽنڊو محمد خان جو ته ڪو حيدرآباد جو، اهي سنڌي ئي آهن جيڪي اڄ سعودي جي سموري نظام تي قبضو ڪريو ويٺا آهن، هوٽلون، ٽرانسپورٽ، دڪانداري سڀ سنڌي عربن جي آهي، ۽ سنڌي قوميت جڏهن سنڌين جي قلب ۾ جاڳي پئي، ته پوءِ سڄي دنيا ۾ جيئي سنڌ وارا چريا جوان پکڙيا پيا آهن، جيڪي آمريڪا ۾ به گاڏيءَ جي نمبر پليٽ به جيئي سنڌ جي هڻيو پيا هلائين، ان ڪري جڏهن هن جوءِ جا ڀاڳيا جاڳيا، ته پوءِ سور نه رهندا ساڳيا.”

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.