افغانستان: تاريخ وري پاڻ کي ورجائي رهي آهي

تحرير: امتياز عالم

افغانستان ۾ 1990ع وارو ڏهاڪو وري پاڻ کي ورجائي رهيو آهي ۽ تاريخ جو ڦيٿو اڳتي وڌڻ بجاءِ وري پوئتي وڃڻ وارو آهي، هن ٽريجڊيءَ ۾ ڪاميڊيءَ جو رڳو هڪڙو ئي سين آهي ۽ اهو هي آهي ته هن سموري  انتهائي خوفناڪ جنگ واري فلم جي آخري سين ۾ اهي ٻئي ڪرادر هڪ ٻئي سان هٿ ملائيندي نظر اچي رهيا آهن، جيڪي انهيءَ جنگ جا ذميوار آهن، انهيءَ سموري وارتا ۾ انتهائي المياتي ڪردار آمريڪا جي هاڻوڪي صدر جو بائيڊن جو آهي جيڪو پنهنجي سموري پريس ڪانفرنس ۾ انتهائي پشيمان نظر آيو. انهيءَ جي سموري ڳالهه جو لب لباب ڪجهه هن طرح هيو ته هاڻي افغانستان ڄاڻي ۽ افغان عوام ڄاڻي، اسان جو القاعده جي حوالي سان جيڪو مقصد هيو اهو ڪڏهن جو پورو ٿي چڪو آهي.

ويٽ نام جي شهر سائيگان  مان آمريڪا جهڙي نموني انتهائي شرم ناڪ نموني نڪتو هو، هن دفعي آمريڪا نه پئي چاهيو ته اهڙي شرمندگي کيس وري پلئه پئي سو آمريڪا بهتر سمجهيو ته افغانستان مان رات جي اونڌاهيءَ ۾ ئي پنهنجا ٽپڙ گول ڪري، اهو ئي سبب آهي جو افغانستان جي بٽگرام واري فوجي اڏي تان آمريڪا رات جي اونداهيءَ ۾ پنهنجو آخري سپاهي به ڪڍيل ۽ پويان ڇڏي ويو بٽگرام جو فوجي هوائي اڏو ۽ اتي بي انتها جنگي سامان  جيڪو صبح جو افغان لٽيرن مال غنيمت وانگر لٽيو. جڏهن افغان حڪومت جا فوجي دستا اتي پهتا ته بٽگرام جو  فوجي هوائي اڏو لٽجي چڪو هو.

افغانستان مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ کانپوءِ وارا منظر سڄي افغانستان ۾  ڏسي سگهجن ٿا ، افغانستان مان آمريڪا جي وڃڻ بعد پيدا ٿيندڙ خال کي جيڪڏهن ڪا ڌر ڀري رهي آهي ته اها آهي، افغان طالبان جي ڌر، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ نيٽو جون فوجون گذريل ويهن سالن کان سندن خلاف ڪارروايون ڪري رهيون هيون، پر تنهن هوندي به کين ڪاميابي نصيب نه ٿي.

1988ع ۾ جڏهن افغانستان جي مسئلي تي افغان مجاهدن ۽ صدر نجيب الله جي وچ ۾ جنيوا ۾ ڳالهيون ٿيون هيون تڏهن به اهي ئي سوال اٿيا هيا جيڪي اڄ اٿي رهيا آهن. افغانستان مان سوويت يونين جي فوجن جي نيڪاليءَ کانپوءِ ڌرتيءَ جي پُٽ صدر نجيب الله ٻن سالن تائين طالبان سان مقابلو ڪيو پر آمريڪا جي حمايت يافته افغان صدر اشرف غنيءَ جي حڪومت لاءِ ته خود پينٽاگون جو اهو چوڻ آهي ته هيءَ حڪومت ڇهه مهينا به هلي نه سگهندي. ويهن سالن ۾ ( 2 کرب ڊالر) پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ( جي ڊي پي ) جي ڇهوڻ جيتري رقم، افغانستان جي ” قومي تعمير“ تي خرچ ڪرڻ ۽ افغان سيڪيورٽي فورسز تي پاڪ فوج جي سالياني بجيٽ کان يارنهن دفعا وڌيڪ ( 80 ارب ڊالر) ۽ نيشن بلڊنگ تي سوين ارب ڊالر خرچ ڪرڻ بعد به اڄ افغانستان وري غارن ۾ رهندڙ افغان طالبان جي قبضي ۾ وڃي رهيو آهي ۽ هڪ نئين دهشت ۽ وحشت جي دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي.

آمريڪا جي ” نيو لبرلز“ جو افغان نيشن بلڊنگ وارو خواب هاڻي وري پٿر واري دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ افغانستان جو مستقبل وري انهن طالبان جي پيرن هيٺان آهي جيڪي افغانستان کي هڪ دفعو اڳ به تباهه ۽ برباد ڪري چڪا آهن. سوويت يونين ۽ واحد سپر پاور آمريڪا کي شڪست ڏيندڙ افغان ويڙهاڪن جي فتح ته ٿي پر هاڻي انهيءَ تباهيءَ واري صورتحال مان جيڪڏهن ڪا شيء اڀري سامهون اچي رهي آهي ته اها آهي ڪاري پڳڙيءَ وارا طالبان جن جي صفن ۾ وري تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ پاڪستان جي دهشگرد تنظيمن جا وکريل عنصر جيڪي وري هاڻي هڪ ٿي رهيا آهن. 31 آگسٽ تائين آمريڪا جو مشن مڪمل ٿي ويندو، آمريڪي صدر جو بائڊن کي اها اميد آهي ته آمريڪا جنهن ستر هزار افغان فوج کي تربيت ڏني آهي، اها ستر هزار فوج، طالبان جو مقابلو ڪندي پر شايد آمريڪا اهو وساري ٿو ويهي ته ان فوج کي نه ته ڪا موثر قيادت ميسر آهي ۽ نه ئي وري اهڙو ڪو نظريو جيڪو انهن کي منظم ۽ متحد رکي ۽ جنگ لاءِ سندن جذبا گرمائي. ٻئي طرف وري طالبان اهو وساري ويٺا آهن ته افغان فوج پنهنجي پنهنجي مقامي مليشيا جي ساٿ سان کين رڪ جا چڻا چٻرائي سگهي ٿي ۽ شهرن ۾ قلعه بند ٿي ويهي رهندا. افغانستان ۾ اهڙي ته طوائف الملوڪي  پکڙجندي جو گذريل مڙنيخانه جنگين ۾ ٿيل خون ريزي معمولي لڳندي. طالبان موجوده افغان رياست  جي بندوبست جو حصو ٿيڻ يا وري ان کي قيادت فراهم ڪرڻ تي راضي ٿيندي به نظر نه ٿا اچن.

اهڙي ڳڻتيءَ واري صورتحال ۾ اهڙن جنگي عنصرن جن کي خدائيءَ جو ذوق هيو ۽ تجزيه ڪارن جي ڳڻتي ۽ ڦڦڙي ڏسڻ وٽان آهي جيڪي جنرل پرويز مشرف جي دور ۾  ان جا نائب ۽ ماهر هجڻ جي حيثيت ۾ کيس صلاحون ۽ مشوره ڏيندا هيا، جنهن جا نتيجا هاڻي سامهون اچي رهيا آهن. افغان مجاهدن جي ڪاميابيءَ جو ڦل جيڪڏهن پچي تيار ٿي آڏو آيو آهي ته  سوويت يونين بعد دنيا جي وڏي ۾ وڏي سپر پاور کي شڪست ڏيڻ وارن کي ته گهٽ ۾ گهٽ گهٻرائڻ نه گهرجي، جيڪڏهن هفتن ۾ نه ته مهينن ۾  طالبان ڪابل تي قبضو ڪري ئي وٺندا، انهن کي روڪڻ وارا هاڻي افغانستان ۾ نه آهن ۽ هاڻي رڳو طالبان ئي افغانستان ۾ آهن جيڪي افغانستان جا بخيا اڊيڙڻ لاءِ ڪافي آهن، هاڻوڪي افغان گهرو ويڙهه ڪيترو وسيع ٿيندي ان جو فيصلو به افغان طالبن کي ڪرڻو آهي ته هو ڪنهن ڪنهن کي حڪومت ۾ شامل ڪندا ۽ ڪهڙن شرطن تي شامل ڪندا.

سڀ کان وڏي ڳالهه ته داعش سميت ٻين عالمي دهشتگرد تنظيمن خلاف آمريڪا کي طالبان جي ضرورت پوندي ۽ طالبان کي وري ڊالرن جي ضرورت پوندي. طالبان بدخشان تي قبضو ڪري چين کي پڻ بانور ڪرائي رهيا آهن ته اسان سان معاملا طئه ڪيا وڃن، هندستان سان ته هاڻي انهن جو ڪو جهڳڙو ئي نه آهي جڏهن ته اشرف غنيءَ جي حڪومت به نه رهي آهي.

ان سڄي صورتحال ۾ پاڪستان کي ڇا مليو؟، 70 هزار شهرين ۽ 5 هزار فوجين جي شهادت ۽ ان کانپوءِ به پاڪستان کي افغانستان جي طوائف الملوڪي ملي آهي، مهاجرن جي هڪ ٻي ۽ وري دهشتگرديءَ کي هڪ نئين زندگي، آمريڪي فوج جي نيڪاليءَ کانپوءِ پاڪستان اهو چئي رهيو آهي ته هاڻي اسان جو طالبان تي ڪنٽرول ختم ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪستان طالبان کي اقتدار ۾ آندو هو تڏهن پاڪستان جو طالبان تي ڪيترو ڪنٽرول هيو؟.

موجوده افغان صورتحال جي حوالي سان ٽن طرحن جا امڪان اڀري رهيا آهن. (1): طالبان تيزيءَ سان ڇهن مهينن اندر اندر ڪابل تائين پهچي پنهنجي امارات جو قبضو واپس وٺڻ جو اعلان ڪندا ۽ اسان سميت سموري دنيا انهن جو منهن ڏسندي رهجي ويندي، ان بعد اسان يا ته انهن سان ڪاروبار ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وينداسين يا وري کين دهشتگرد قرار ڏينداسين. (2): افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ڊگهي ٿي ويندي جنهن سموريون پاڙيسري قوتون پڻ جنگ ۾ ڪاهي پونديون، ان بعد جيڪڏهن ڪنهن سياسي حل جو رستو نڪرندو به ته ان جي صورت ڪهڙي هوندي ان جو ڪو اندازو نه آهي. (3): افغانستان ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ۽ مختلف علائقا پاڙيسري طاقتور قوتن جي اثر هيٺ اچي وڃن.

هاڻي جيڪڏهن پاڪستان ۽ پاڪستان جي سگهارن ادارن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ڪير ڇا ٿو ڪري سگهي. هاڻي جيڪڏهن سينيٽ جي فارن افيئرز ڪميٽيءَ ۾ آمريڪا ۽ چين سان لاڳاپن ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو ڦڙتي ڏيکاري ٿو ته ان کي ڇا ٿو ڪري سگهجي، اهڙن جڳارين کي ڪوئي سمجهائي ته آخر ڪار آمريڪا کي اوهان جي ضرورت آهي ڪهڙي، سواءِ ان جي ته اوهان افغان معاملي ۾ آمريڪا جا مددگار ٿيو، جڏهن ته اوهان چين تي نظر رکڻ لاءِ آمريڪا کي اڏا ڏيڻ کان انڪاري آهيو اهو شايد ان ڪري جو چين آمريڪا جي نظر تي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اوهان لاڳاپن ۾ توازن واري ساهميءَ جي آمريڪا واري پڙ ۾ هوندا يا چين واري پڙ ۾؟. اهو هڪ اهم سوال آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.