عمران خان! وڏن کي سمجهائي ڇڏ، ن ليگ هاڻي مفاهمت پسند ناهي رهي: مريم نواز

مظفرآباد (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پنهنجي وڏن کي سمجهائي ڇڏ ته مسلم ليگ ن هاڻي پراڻي مفاهمت پسند جماعت ناهي رهي بلڪه مزاحمت ۽ پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ سکي وئي آهي، نواز شريف کي قيد دوران به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هئي.آزاد ڪشمير ۾ چونڊ  مهم جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته آزاد ڪشمير جي پُٽ نواز شريف جا سلام کڻي آئي آهيان، منهنجي رڳن ۾ ڪشميري رت آهي، اهي ماڻهو نواز شريف کان ڊڄي رهيا آهن، عمران خان جو ته صبح ۽ شام نواز شريف جي نالي سان ٿيندي آهي.هن چيو ته نواز شريف خلاف مختلف قسمن جون سازشون ڪيون ويون، نواز شريف کي قيد دوران به قتل ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون، نواز شريف جي ٺاهيل منصوبن کي گروي ڪرڻ جون سازشون هلي رهيون آهن، ڪشمير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نواز شريف جو نالو کڻڻ وارا موجود آهن، والاريل ڪشمير جو ڪيس هارائڻ کانپوءِ هاڻي انهن جون نظرون آزاد ڪشمير تي آهن، ڪشمير کي ڀارت جي جهولي ۾ وجهڻ جي سازش آمريڪا ۾ ڪئي وئي.مريم نواز چيو ته نواز شريف کي مبارڪ ڏيان ٿي ته ان جو نعرو ”ووٽ کي عزت ڏيو“ هر جاءِ تي پهچي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۾ به ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا گونجي رهيا آهن، ايندڙ چونڊن ۾ ناڪامي ڏسي انهن کي چونڊن ۾ ترميمون ياد اچي ويون، چونڊ سڌارا رڳو عوام جي ئي طاقت هوندا آهن، اليڪشن ريفارمز ڪا به آر ٽي ايس يا ڪا مشين ناهي هوندي.هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان! حساب ڪتاب وارو ڏينهن ويجهو آهي، هاڻي عوام توهان کان حساب وٺندو، جيڪڏهن اليڪشن چورائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته منهن ڏيکارڻ جي لائق به نه رهندئو.سندس چوڻ هو ته ملڪ جا راز رڳو قوم کي خبر ناهي هوندي باقي سڀني کي خبر هوندي آهي، اڄ پڙهيو آهي ته عوام تي وري پيٽرول بم ڪيرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جڏهن تيل جا اگهه وڌندا آهن ته هر شئي جا اگهه پاڻمرادو وڌي ويندا آهن، تيل اگهن ۾ واڌ سان عمران خان کي ڪو به فرق ناهي پوندو، ڇو ته عمران خان سائيڪل تي آفيس ويندو آهي.مريم نواز چيو ته نواز شريف کي پُٽ کان پگهار نه وٺڻ جي کِل جوڳي الزام ۾ نااهل ڪيو ويو، کائنس وزارتِ عظميٰ کسي وئي، سازشن باوجود نواز شريف هر اليڪشن ۾ مخالفن کي سندن گهر ۾ گهڙي ماريو آهي، نواز شريف اڪيلو ناهي، سندس ڌيءُ سپاهي بڻجي اچي وئي آهي، عمران خان سائيڪل تي وزيراعظم آفيس ويندو آهي، پيٽرول مهانگو ٿيو ته کيس فرق نه پوندو، هاڻي عمران خان ايئرپورٽ ۽ موٽرويز سوڌو نواز ليگ جي حڪومتي دور جي منصوبن کي گروي رکڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، هن چيوته ڪشمير تي سودو عمران خان جي مرضي سان ٿيو آهي، منهنجي رڳن ۾ ڪشمير جو خون ڊوڙي ٿو، هن چيو ته پوري رياست کي نوازشريف جي دشمني ۾ ڌڪيو ويو، عوام جي دلين ۾ نوازشريف لاءِ عزت پهرين کان وڌي وئي آهي، هن چيو ته مودي جو يار نوازشريف کي چوندا هئا پر عمران خان مودي جي جهولي ۾ والاريل ڪشمير ڏئي آيو، هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان ووٽ چوري ڪري آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهي ڇڏي ته ڪشمير جا پهاڙ به آءِ ايم ايف ۾ گروي رکي ڇڏيندو،ڪشمير کي وڪرو ڪرڻ جي سازش آمريڪا ۾ ويهي رچائي وئي، هن چيو ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته جڏهن مون کي نوازشريف ۽ مريم نواز جي ضمانت جو ڪيس ٻڌڻو هو ته مون کي هڪ اداري جي سربراهه پاران چيو ويو ته مريم ۽ نوازشريف جي ضمانت نه ڏجو نه ته اسان جي ٻن سالن جي محنت بيڪار ٿي ويندي، نيب جي عدالت جو جج ارشد  ملڪ به الله تعاليٰ جي خوف کان ڳالهايو ته مون کي انهن نوازشريف کي زبردستي سزا ڏياري، هن سي پيڪ چيئرمين عاصم سليم باجوه کي مخاطب ٿيندي چيو ته نوازشريف جي بڻايل سي پيڪ تي 30،40 لک رپيا پگهار کڻي ويٺا آهيو، جيڪڏهن توهان اهي رسيدون نه ڏيکاريون ته عوام کي رسيدون وٺڻ اچن ٿيون، هن چيو ته عمران خان جو نالو وٺو ته رڳو ووٽ چوري نه بلڪه ڪشمير فروشي به ياد ايندي آهي، مهانگي کنڊ، اٽو،کنڊ چوري، بجلي گئس چوري به ياد ايندي آهي، هن چيو ته منهنجي علم ۾ اهو آيو آهي ته عمران خان ڪشمير ۾ چونڊ کٽي پنهنجو ڪٺ پتلي وزيراعظم ان ڪري آڻڻ چاهي ٿو ته هو آزاد ڪشمير کي پاڪستان جو صوبو بڻائي سگهي ۽ ان لاءِ سازش تيار ڪري چڪو آهي، هن چيو ته عمران خان جا وزير هتي  نوٽ ورهائڻ لاءِ ڦري رهيا آهن ته هتي نوٽن، جعلي ووٽن ۽ بوٽن جي سرڪار بڻائڻ چاهين ٿا پر ڪشميري عوام اها سرڪار بڻجڻ نه ڏيندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.