عيد کان اڳ عوام جي قرباني، پيٽرول ساڍا 5 ۽ ڊيزل اڍائي رپيا مهانگو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي سرڪار پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيه 40 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم جي خاص صلاحڪار  شهباز گل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پيٽروليم شين جي  قيمتن ۾ واڌ کان آگاهه ڪيو ويو. شهباز گل ٻڌايو ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 5 روپيه 40 پئسن جي واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيه 54 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري  ڏني وئي آهي.هن ٻڌايو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ روپيو 39 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. پيٽرول 5 رپيا 40 پيسا مهانگو ٿيڻ بعد نئين قيمت 118 رپيا ٿي وئي . ڊيزل 2 رپيا 54 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد نئين قيمت 116 رپيا 53 پئسا مقرر ٿي وئي. لائٽ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ رپيو 27 پئسا واڌ ٿي آهي. گاسليٽ  به رپيو 39 پئسا واڌ بعد 87 رپيا 14 پئسا ٿي ويو، لائٽ ڊيزل جي نئين قيمت 84 رپيا 67 پئسا مقرر ٿي وئي، جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي قيمت هڪ روپيه 27 پئسا وڌائي وئي آهي. شهباز گل چيو ته اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ 11.40 روپيه في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني هئي. پر وزيراعظم عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي حوالي سان گهربل اضافو نه ڪيو ۽ ان فيصلي جي نتيجي ۾ پوندڙ وزن حڪومت پاڻ برداشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.