دودو ڀيل ڪيس: مک جوابدارن کي بنگلي ۾ رهائڻ جو الزام

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سيڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد فوت ٿيل پورهيت دودي ڀيل واري ڪيس ۾ پوليس پاران  مُک جوابدارن بچائڻ واري معاملي جي شڪايت کڻي لجپت سوراڻي ۽ ٻين ميرپورخاص ۾ ڊي آءِ جي ذوالفقار مهر سان ملاقات ڪئي،لجپت سوراڻي ۽ ٻين ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي ٻُڌايو ته پوليس دودي جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو،هن وقت جوابدار پورهيت کي قيد رکڻ واري ڪيس ۾ گرفتار آهن،جن کي پوليس مڪمل سهولتون ڏيئي جيل بدران بنگلي تي رکيو آهي،اسان کي گرفتار ڪرڻ وقت پوليس جيڪو سامان ڦُر ڪيو هو اُهو واپس ناهي ڪيو،پوليس دودي جو ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي،ايس ايس پي مان ڪي به انصاف جي اُميد ناهي،جنهن تي ڊي آءِ جي وفد کي ٻُڌايو ته دودي ڪيس جي جانچ هلي رهي آهي،وارثن سان مڪمل انصاف ٿيندو،هوڏانهن دودو ڀيل قتل ڪيس ۽ ٿر ڪول واري مسئلي تي ٿر جي سڄاڻ ڌرين جي سوراڻي هائوس مٺي ۾ گڏجاڻي ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ وڪيل لجپت سوراڻي،ارباب عمران،بي آءِ ايف اڳواڻ گومون ڀيل،ايس ٽي پي اڳواڻ گهنشام مالهي،قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ شاهنواز هنڱورجو،عوامي تحريڪ اڳواڻ سائينداد هنڱورجو،فنڪشنل ليگ جو اڳواڻ ڪشور جڳاڻي،سماجي اڳواڻ ماما وشن ٿري،مٺي بار جو اڳواڻ وڪيل قربان سميجو،سينيئر وڪيل ڀڳوانداس ڀيل،بابو عرف تاج محمد بجير سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،گڏجاڻي ۾ وڪيل لجپت سوراڻي ڳالهائيندي چيو ته ٿرڪول ۾ ٿرواسين لاءِ واضع پاليسي جڙيل ناهي،ٿر جي مزدورن سان ڏينهون ڏينهن مسئلا وڌندا پيا وڃن،ٿر ڪول جي رائلٽي ٿرين کي ڏيڻ بدران ٿرواسين کي لاش ڏنا پيا وڃن، گهنشام مالهي چيو ته دودو قتل واقعي تي بي آءِ ايف جي سموري ٽيم جرئت ڪري بيٺي ته اڄ ڪاميابي جي طرف قدم وڌايو آھي ڪشور جڳاڻي چيو ته ٿر جي ماڻھن سان ظلم ٿي رهيو آھي ٿر جا چونڊيل نمائيندا انصاف ڪرڻ جي بدران ايس ايس پي ۽ ڊي سي جو دفاع ڪري رهيا آھن,هوڏانهن ٿرڪول بلاڪ ٽو مان ڪھ ڏينهن اڳ سيڪيورٽي گارڊن جي تشدد بعد فوت ٿيل مقتول دودي ڀيل واري ڪيس بعد هڪ ٻئي پورهيت صديق راهمون کي قيد رکڻ ۽ ڌمڪين جي الزام واري ايف آءِ آر ۾ گرفتار ٿيل مُک جوابدارن ڪاشف رضا ۽ قمر عباس جون پوليس پاران ڪيس ۾ لاڳو ڪيل قلم واريون سليٽون پڪڙائي جاري ڪيل تصويرن کي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي،مُک جوابدار ڪاشف رضا کي ڏنل گناهن واري سليٽ کي ٻيو ڪو هٿ ۾ جهليل نظر اچي رهيو آهي،جنهن سبب اُنهي سليٽ ۾ جوابدار کانسواءِ ٻئي ڄڻي جو هٿ نظر اچي رهيو آهي،اُنهي سان گڏ ٻنهي جوابدارن جي جون جاري ڪيل تصويرون جيل بدران ڪنهن بنگلي جون هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي،جنهن سبب سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندڙ نوجوان پوليس تي جوابدارن کي سهولتون ڏيئي بنگلي ۾ رهائيش ڪرائڻ جا الزام هڻي رهيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.