سينگار نوناري جي آزادي لاءِ نصيرآباد سراپا احتجاج بڻيل

باڊھ  (ن ع آ ) ٽن هفتن کان کنڀي گم ڪيل عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جو ليبر سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري بازياب نه ٿيو،  سوين عورتون، پورهيت ۽ سياسي اڳواڻ سينگار جي بازيابي تائين احتجاج واري وچن تي قائم رهندي نوناري محلي کان ريلي جي صورت ۾ نڪتا، فاضل راهو چونڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته، ڏهاڪن کان جاري رياستي ڏهڪاء ۾ نام نهاد جمهوري حڪومت به اکيون، ڪن ۽ زبان کي تالا هڻي ويهي رهي آهي، اسانکي سينگار جهڙن سياسي ڪارڪنن سميت جمهوري سوال جي جنگ به ڪرڻي آهي، تخت تي ويٺل حڪمران اکيون ڦاڙي ڏسن ته عوامي اڳواڻن جو ڪيس عوام پاڻ وڙهندو آهي،ڪامريڊ سينگار نوناري جي ڀيڻ ۽ ناري جمهوري محاذ اڳواڻ ڪامريڊ سمن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃندي چيو ته ننڍڙن ٻارڙن، عورتن ۽ شهر واسين جا ٿورائتا آهيون، اسانجو سادو مطالبو هي آهي ته اسانجي ڀاء ۽ اڳواڻ کي آزاد ڪيو، جيڪڏهن مٿس ڪي به الزام آهن ته کيس پنهنجي جوڙيل ڪورٽن ۾ پيش ڪيو، اسلامي جمهوريا پاڪستان ملڪ جو نالو آهي ۽ اوهان اسانجا وڏا ڏينهن، عيدون حرام ڪرڻ پٺيان پيا آهيو،ڪامريڊ حيدر جويو طبيعت ناساز هجڻ سبب شريڪ نه ٿي سگهيو، وفد ذريعي پنهنجو پيغام موڪليو ته، ڪامريڊ سينگار سميت سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبوليت جوڳو ناهي، وطن دوست جمهوري پارٽي جبري گمشدگين خلاف احتجاج ڪيا آهن ۽ سڀاڻي به آواز بلند رکندي، ايس يو پي جي اڳواڻ فقير علي گل ڪانڌڙو چيو ته ، هن وفاق ۾ عوام ۽ مظلوم جي آواز کي ڪچليو ويو آهي، جيڪي ادارا عوامي اڳواڻن کي کنڀين ٿا انهن کي سڀاڻي گلن جا هار ته نه پارايا ويندا، ڪامريڊ سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ اعلي ادارن کي اپيل ڪندي چيو ته کيس جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ عبدالحفيظ تنيو چيو ته، ڪامريڊ سينگار نوناري اهو پورهيت اڳواڻ آهي جنهن هتان جي جاگيردارن کي منهن ٽوڙ جواب تڏهن ڏنو جڏهن هن ڪائونسلرن جون ٻه سيٽون عوامي ورڪرز پارٽي جي نالي سان فتح ڪيون، اهڙن پورهيت اڳواڻن، جاگيردار دشمن کي کنڀي گم ڪرڻ عوام دشمن ۽ ملڪ دشمن عمل آهي، عوامي پورهيت فورم جي اڳواڻ ڪامريڊ برڪت سوڍر چيو ته، سينگار جهڙن ايماندار ورڪرن، پورهيتن ۽ مظلومن جي ڀرجهلي ماڻهن کي کنڀڻ مجي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ،ڌرڻي ۾ ميهڙ ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ لاڙڪاڻي کان عوامي ورڪرز پارٽي جي ساٿين ۽ ھمدردن، وارهه مان عوامي پورهيت فورم سان گڏ شهر نصيرآباد جي مختلف سياسي سماجي مذهبي توڙي شاگرد تنظيمن ؛ شهري اتحاد، قومي عوامي تحريڪ، نون ليگ، گسٽا، شيعا علما ڪائونسل، رائيس ملز مزدور يونين ،ڪبوا ،نمسوا ،ناري جمهوري محاذ ، ڪمنان ، سنڌي شاگرد تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن ، بوٽ هائوس يونين، جنرل اسٽور يونين ، فوڊ ائنڊ گرين مرچنٽ ايسوسيئيشن، ڪريانه ايسوسيئيشن،ميڊيڪل اسٽور يونين، عوامي تحريڪ، نمنان، شاهي بازار يونين، ڪلاٿ بازار يونين ۽ ٻين شرڪت ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.