پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائيءَ جو طوفان

تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت ( اوگرا) پاران پيٽرول جي قيمت ۾ اضافي جي موڪليل سمريءَ کي منظور ڪندي ، خزاني واري وزارت کي پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ ردوبدل ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خصوصي وزير شهباز گل جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيا 40 پئسا في ليٽر اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سندس چوڻ هيو ته ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيا 54 پئسا ۽ اهڙي نموني مٽيءَ جي تيل ۾ 1 روپيو 39 پسئا اضافي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهيءَ سموري صورتحال ۾ مزي جي ڳالهه اها آهي ته وزيراعظم جي سياسي معاملن واري وفاقي وزيرشهباز گل جو چوڻ آهي ته اوگرا ته پيٽرول جي قيمت ۾ 11 روپيا 40 پئسا اضافي جي سفارش ڪئي هُئي پر وزيراعظم عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ رڳو 5 روپيا 40 پئسا اضافي جي منظوري ڏني آهي.

اهڙي صورتحال تي ڇا چئجي، سوال هي نه آهي ته حڪومت پيٽروليم ۽ توانائيءَ جي اسمن جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي، پر سوال هي آهي ته آخر ڪار تحريڪ انصاف يا ٻي ڪنهن حڪومت کي اهو اخلاقي جواز ڪيئن ٿو حاصل ٿئي ته هو مالي سال جي بجيٽ کانپوءِ به مختلف اسمن جي اگهن ۾ وڌا ڪندا رهن، ڇا اهو ممڪن نه آهي ته جيئن دنيا جي مهذب ۽ ترقي يافته ملڪن جو دستور آهي ته سالياني بجيٽ کانپوءِ جيڪڏهن ملڪ کي ڪنهن مد ۾ پئسن جي ضرورت پوندي آهي ته ڪنهن مني يا ضمني بجيٽ پيش ڪرڻ بجاءِ پنهنجن اضافي خرچن کي گهٽائي اهو نقصان پورو ڪيو ويندو آهي.

تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ٽين سال جي جيڪا بجيٽ پيش ڪئي اها، تحريڪ انصاف جي ناڻي واري وزير شوڪت ترين پيش ڪئي هُئي، جنهن متعلق سرڪاري حلقن مان اها دعوى ڪئي پئي وئي ته تحريڪ انصاف جي پيش ڪيل بجيٽ انتهائي عوام دوست آهي ، جنهن بعد حڪومت ملڪ جي معيشت کي سڌارڻ ڏانهن پهريون ڀيروعملي قدم کنيو آهي ۽ ان بعد عوام جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي هڪ نيئن دور جي شروعات ٿي ويندي. اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو عوام سان بجيٽ پيش ڪرڻ وقت جيڪي واعدا ڪيا ويندا آهن، هڪ ته اهي پورا ڪونه ٿيندا آهن ۽ ٻيو ته بجيٽ جي ڪجهه وقت کانپوءِ مني يا ضمني بجيٽ طور تي ڪجهه شين خاص ڪري پيٽروليم ۽ توانائيءَ جي اسمن جون قيمتون وڌايون وينديون آهن جنهن سان وري مهانگائيءَ جو هڪ طوفان اچي ويندو آهي جيڪو اڳيان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو آهي.

تحريڪ انصاف حڪومت پاران پيٽرول ۽ توانائيءَ جي ٻين اسمن جي اگهن ۾ جيڪا واڌ ڪئي وئي آهي، اها بلڪل به متوقع هُئي ڇو جو مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ بعد جهڙ نموني جي انومانن جو ذڪر ڪيو پئي ويو انهن انومانن مان ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه هو ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين جيڪا بجيٽ پيش ڪئي ، اها به رڳو انگن ۽ اکرن جو کيل آهي، بجيٽ ۾ ڪٿي به ملڪ اندر پيدوار وڌائڻ، برآمدي واپار وڌائڻ ۽ درآمدي واپار گهٽائڻ لاءِ ڪابه موثر رٿابندي بيان ٿيل نه هُئي جنهن جو مقصد رڳو اهو ئي هو ته ملڪ جي ايندڙ خرچن کي پوءِ کڻي اهي قرضن جي ادائگيءَ لاءِ ڇو نه هجن، لاءِ پئسي جي ضرورت پوندي، ۽ اهڙي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ضرور ڪئي ويندي.

اسان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته تحريڪ انصاف پيٽرولم اسمن جي قيتمن ۾ جيڪا واڌ ڪئي آهي، اها واڌ تحريڪ انصاف حڪومت جي مالي سال 2020ع-2021ع لاءِ جيڪا بجيٽ پيش وئي هئي اها هڪ ناڪام بجيٽ هُئي، هاڻي جيڪا پيٽروليم جي اسمن ۾ واڌا ڪئي وئي آهي، ان سان وري مهانگائيءَ جو اهڙو طوفان ايندو جو عوام وري رڙيون ڪري اٿندو، ڇو جو هن وقت به ملڪ ۾ جيڪا مهانگائي آهي ان عوام جي عملي طور تي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي، جڏهن ته ڪورونا، بي روگاريءَ، مهانگائيءَ اڳ ئي ملڪ جي عوام جو جيئڻ عملي طور تي مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن اٽي جو ڪلو ستر روپيا ۽ کير جو ليٽر هڪ سو ٽيهه روپيا ملندو هُجي ۽ هڪ عام پورهيت جي ڏهاڙي پنجن کان ست سو روپيا هُجي ته اهڙي صورتحال ۾ اهو اندزو لڳائڻ ڪيترو مشڪل آهي ته عوام ڪهڙي نه عذاب واري زندگي گذاري رهيو آهي.

ملڪ ۾ مهانگائي پنهنجي جاءِ تي پر هاڻي افغانستان جي جنگي حالتن ڪري لکن جي انگ ۾ افغان پناه گيرن جو ملڪ ۾ هجڻ، ان کان سواءِ ٻين ملڪم، علائقن ۽ خطن جي لکين عوام جو ملڪ ۾ هجڻ سبب پڻ ملڪ جي معاشي وسيلن تي نه صرف بار پئي ٿو پر اهي ماڻهو پاڪستان مان ڪمائي جڏهن اهي پئسا مختلف ذريعن سان پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلين ٿا يا کڻي وڃن ٿا ته اهو سمجهڻ گهرجي ته اهي اوهان جي معيشت کي کاٽ هڻن ٿا، اسان هن موقعي تي وفاقي حڪومت کي رڳو ٻه ڳالهيون چوڻ چاهينداسين؛ هڪ ته ملڪ جي اندر پيداواري عمل کي ترقي ڏني وڃي ۽ درآمدي واپار گهٽائي برآمدي واپار کي وڌايو وڃي ۽ ٻيو ته ملڪ اندر لکن جي انگ ۾ ٻين ملڪن جي ماڻهن کي انهن جي ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي، پڪ آهيته انهن ٻنهي عملن سان اوهان جي معيشت بهتر ٿيندي ۽ ان کانپوءِ اوهان کي شيون مهانگيون ڪرڻ جي ضرورت گهٽ پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.