وبا بابت افواهه

تحرير: حاڪم نصيراڻي

جڏهن به انسان، تڪبر ۽ هوڏ جي بي لغام گهوڙي تي سوار ٿي بي راهه روي جي واٽ وٺي سرڪشي اختيار ڪئي، تڏهن قادر جي قدرت کي به اهڙي جنبش آئي جو وڏا وڏا سرڪش خاڪ ۾ ملي ويا ۔ بيمارين ۽ وبائن جو ازل کان وٺي انسان سان ساٿ رهيو آھي۔ ڪڏهن هڪ بيماري ته ڪڏهن ٻي بيماري انسان تي حملو ڪندي رهي۔ ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙيون به وبائون آيون جن انساني وجود جي خاتمي جا نياپا به ڏنا۔ انهن بيمارين ۽ وبائن جي خاتمي لاءِويڄ ،طبيب ۽ حڪيم جهرجهنگ جهاڳي جڙي ٻوٽيون هٿ ڪري مختلف تجرباتي مرحلا پاس ڪري انساني بقا جا نسخا تيار ڪيا۔  وقت جي وهڪري ۾ نيون نيون بيماريون ۽ وبائون لڙھندي ظاهر ٿينديون ويون ته طبيبن به پراڻن طريقن کي لوڙھي علاج جا نت نوان انداز متعارف ڪيا۔ڪو وقت هيو ڪوڙھ، مليريا، ڪالرا، ماتا، ٽي بي ۽ ٻيون به ڪيتريون بيماريون هيون جيڪي انسان جي موت جو سبب ٿينديون هيون۔ انهن بيمارين لکين ماڻھن جون زندگيون کسي کين موت جي منهن ۾ اڇلي ڇڏيو پر رب کي وري به هي انسان پيارو آھي ان ڪري پنهنجي خلق جي خدمت ۽ حفاظت لاءِ ڪجھه ماڻھن کي هُن اهڙو ته عقل عطا ڪيو جو اهي انهن خطرناڪ بيمارين ۽ وبائن  سان سندورو ٻڌي جهيڙڻ لڳا نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهھ بيماريون ته بلڪل ئي دنيا جي گولي تان پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون ۽ ڪجهھ بيماريون وري آخري پساهن ۾ آھن۔

اسين جديد دور ۾ هوندي به وهم پرستي جي چنبي مان نه نڪري سگهيا آھيون۔ دنيا جي ترقي کي اکين آڏو ڏسي به گمان جي اوٽ وٺي حقيقتن کان منهن ڦيري پنهنجي پاڻ کي مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيندا پيا وڃون۔ پراڻين وبائن جتي انسانن کي موت جي راهه جو راهي ڪيو اتي انهن کان بچاءَ جا به رستا ملن ٿا۔ سلھه، کنگهھ، ڪوڙھ، ماتا، ارڙي هي اهي بيماريون هيون جيڪي هڪ انسان کان ٻئي انسان ڏانهن آساني سان منتقل ٿينديون هيون۔انهن وچڙندڙ بيمارين ان وقت جي انسانن کي ائين پريشان ڪيو هو جئين هن وقت ڪورونا وائرس اسان کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي۔    پاڻ سڳورن جي دور ۾ ڪوڙھ واري مريض کان هڪ نيزو اٽڪل ڇهھ فوٽ يا ان کان ٿورو وڌيڪ پري رهڻ جو حڪم مليل هو۔ هڪ جاءِ تي اها روايت به ملي ٿي ته جتي ڪا وبا هجي اتان ٻاهر نه نڪرجي ۽ اوڏانهن وري وڃجي به نه۔ هڪ مسلمان هجڻ جي ناتي اسان جو اهو يقين آھي، مرض ۽ شفا رب طرفان ملندا آھن۔ جڏهن ڪنهن مرض جو علاج نه ملي تيستائين احتياط ئي سڀ کان وڏو علاج تصور ڪيو ويندو آھي۔ طبعي ترقي کان پوءِ هن وقت ڪوڙھه، سلهھ، کنگھه، ماتا جو ته خاتمو ٿي ويو آھي پر ارڙي ۽ پوليو اڄ به ڪٿي ڪٿي موجود آھن. پوليو جا قطرا پيارڻ ۽ ارڙي کان بچاءَ جا ٽڪا لڳايا پيا وڃن۔ انهن بيمارين جي خاتمي  لاءِعالمي سطح تي به ڪوششون ڪيون پيون وڃن۔ جيئَن ته مان اڳ به لکي چڪو آھيان ته اسان وهم پرست آھيون ان ڪري جديد علاج کان وڌيڪ پراڻن ديسي گهريلو ٽوٽڪن تي عمل ڪيون پيا : مثال طور ارڙيءَ واري ٻار کي گهر جي ڪمري ۾ بند ڪري مخصوص ڪلام هلائي مائي ارڙي جي حوالي ڪري ڇڏيون ٿا ۽ علاج نه ٿا ڪرايون نتيجو اهو نڪري ٿو جو ڪافي گل ٽڙڻ کان اڳ ئي مرجهائجي وڃن ٿا۔

پوليو ويڪسين خلاف ته اهڙي منظم مهم هلائي وئي جو وڃي ٿيا خير۔ پوليو جي قطرن کي مذھبي اوٽ وٺي حرام قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي۔ جڏهن انهن تنگ نظر ماڻھن ڏٺو ته سندن سڀ تدبيرون ناڪام ٿيون ته انهن وري پوليو ورڪرز مٿان قاتلاڻا حملا شروع ڪري ڏنا۔ ڪيترائي پوليو ورڪر فرض جي ادائگي ڪندي شھادت جو جام پي چڪا آھن۔ هاڻي وري جڏهن کان هي عالمي وبا ڪورونا وائرس دنيا ۾ اچي تباهي مچائي ته هر ماڻھو پنهنجي سوچ مطابق ان کي ڪنهن قهر خدائي سڏيندي انساني بد اعمالي سڏيو ته ڪن وري هن کي بائيولاجيڪل جنگ جو رنگ ڏنو، ڪن ته ان کي چين امريڪا ۽ اسرائيل جي سازش به چئي ڏنو۔ نتيجو اهو نڪتو جو ڪروڙين ماڻھو ان وبا جي ور چڙهي ويا ۽ لکين ماڻھو پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا۔ انسانيت لاءِ دل ۾ درد رکندڙ ماڻھن پنهنجي زندگي جي گڏ ڪيل موڙي انسانيت جي تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ دان ڪري ڇڏي۔ دنيا جي هر حڪومت به بجيٽ جو وڏو حصو عوام جي صحت ۽ سلامتي لاءِ مختص ڪري ڇڏيو۔

جڏهن ڪورونا وائرس نئون نئون آيو ۽ ماڻھو ڌڙا ڌڙ مرڻ لڳا ته پوري دنيا ۾ خوف جا طبل وڄڻ شروع ٿي ويا هر طرف موت جا منظر ڏسڻ ۾ پئي آيا، جڏهن سائنسدانن طرفان اهو اعلان ڪيو ويو ته ڪورونا جي ويڪسين ٺاهڻ ۾ ڪجھه وقت لڳندو ان ويل هر ڪنهن جي اها خواهش هئي ته جلد اهو وقت اچي جڏهن ان وبا جي ويڪسين ٺھي ماڻهن کي موت جي راڪاس کان ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگهي۔ خدا خدا ڪندي جڏهن ڪورونا جي بچاءَ واري ويڪسين آئي ته مختلف قسم جون قياس آرائيون شروع ٿي ويون۔اسان وٽ اڳ ئي ڪورونا وائرس سياست جي ور چڙھي ويو هو مٿان وري ڪورونا ويڪسين کي به مختلف ڪوڙين افواهن جي ور چاڙھي ڇڏيوسين۔

اسان جهڙن اٻوجهھ ماڻھن کي ڊڄاريو وڃي ٿو ته جنهن به ويڪسين ڪرائي اهو ٻن سالن کان پوءِ مري ويندو۔ افواهه اهي به گردش ڪن پيا ته ويڪسين کان پوءِ انسان جي جسم ۾ عجيب قسم جي مقناطيسي تبديلي ٿئي ٿي، نامردي به ممڪن آھي۔ هي اهي ڳالهيون آھن جن جو هن وقت تائين حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي۔ هتي سوال ذھن ۾ اڀري ٿو ته آخر سائنسدانن کي ٻن سالن کان پوءِ مرڻ واري ويڪسين تيار ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ٻن سالن کان پوءِ جڏهن انسان ئي زمين جي گولي تي نه هوندا ته انهن ويڪسين ايجاد ڪندڙ سائنسدانن کي ڪهڙو فائدو رسندو؟

انهن افواهن کان پوءِ حڪومت کي گهرجي ته سخت کان سخت فيصلا ڪري ويڪسين کي لازم قرار ڏئي۔ جيئَن حڪومت پاران چيو پيو وڃي ته ويڪسين نه لڳرائڻ وارن کي سهولتون ميسر نه هونديون اهڙي اعلان تي عمل به ٿيڻ گهرجي۔ ايئن نه ٿئي جو ڪورونا جي هر نئين لهر خطرناڪ صورت اختيار ڪندي رهي۔ اسان تنقيد ۽ نقطه چيني وارا آھيون پاڻ ڪو عملي ڪم ناهيون ڪندا ۽ جيڪي ڪم ڪن پيا انهن ۾ وري عيب ڳولڻ ۾ پورا آھيون۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.