ازبڪستان سان مضبوط واپاري ڀائيواري چاهيون ٿا: وزيراعظم

تاشقند (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ازبڪستان کي اسان جي بندرگاهن رستي آفريقا تائين پهچ ملي سگهي ٿي، ڀارت سان لاڳاپا بهتر ٿي ويا ته اتي پهچ ملي ويندي.

تاشقند ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ازبڪستان جو پهريون دورو آهي پر آخري نه هوندو، ازبڪ صدر نئين ازبڪستان ۽ مان نئين پاڪستان جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، اسان ازبڪستان سان مضبوط واپاري ڀائيواري چاهيون ٿا.

ازبڪ صدر چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا جو اهم ملڪ آهي، پاڪستان سان سياسي، اقتصادي ۽ واپاري وابطن کي هٿي ڏئي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.