گمبٽ، قمبر، داد لغاري، کپري ۽ ٽنڊي الهيار جون خبرون

گمبٽ: پرائمري اسڪول محمد بخش ڄامڙو ۾ شاگردن جي مان ۾الوداعي تقريب

قمبر ۾ بدامني خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي پاران مظاهرو ۽ ڌرڻو

داد لغاري ويجهوڳوٺ ۾شيخ برادري جي 3 گهرن کي باهه، الهه تلهه رک

ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پاران کپرو ٿاڻي جي مرمتي ڪم جو افتتاح

ٽنڊو الهيار: ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 14 ورهين جو نينگر فوت

پاس ڪندڙ شاگرن جي مان ۾ الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي ، جنهن ۾ ٻارڙن کي  تحفا ڏنا ويا. ان موقعي تي اسڪول جي ھيڊ ماستر  استاد لطف علي سھتو، غلام سرور ڄامڙو، T.E.O گمبٽ محمد مشق رتڙ، استاد الللہ بخش ڄامڙو ۽ ٻين چيو تہ شاگردن جي مان ۾ الوداعي  تقريب رکي مختلف تحفا ڏيڻ جو مقصد اھو آھي تہ جيئن  ٻارڙا ھاء اسڪول ڏانھن وڃڻ م دلچسپي رکن.

2

قمبر ۾ بدامني خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي طرفان شهداء چوڪ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن سراج احمد چانڊيو، رياض حسين دائوداڻي،اعجاز علي چانڊيو، گلشير چانڊيو ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪل چوري جون وارداتون عام ٿيڻ لڳيون آهن ٻن ڏينهن ۾ ٽي نيون سي ڊي موٽر سائيڪلن جا تالا ٽوڙي چور  آساني ڪاهي سان فرار ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شهرين جون چوري ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرايون وڃن.

3

داد لغاري ويجهو ڳوٺ حاجي محمد حسن لغاري ۾ اوچتو مور شيخ،حسن شيخ  ۽ محرم شيخ جي گھرن کي چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باھ لڳي وئي ,باه  اک ڇنڀ ۾ گهر  کي وڪوڙي وئي، ۽ گهر ۾ بيٺل چوپايو مال 8 ٻڪريون, 2 ڳئون,ٽن نياڻين جو ڏاج,40 مڻ ڪڻڪ,سونا زيور, هڪ موٽرسائيڪل,سميت گهر جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو ، جڏهن ته باه لڳڻ وقت گهر ڀاتين دانهون ڪيون ته ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن بروقت پهچي باه تي ڪنٽرول ڪري ورتو،اطلاع باوجود فائرگيڊ گاڏي باه وسائڻ لاءِ نه پهتي، ان موقعي ڳوٺاڻن موچارو شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب انهن جي ٽن گهرن کي باه وڪوڙي وئي، هنن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان فوري طور مالي مدد جو مطالبو ڪيو .

4

ڊي آء جي شھيد بينظير آباد عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي سانگھڙ ڊاڪٽر فرخ لنجار کپرو پهچي ٿاڻي جو دورو ڪيو. کپرو پهچڻ ته ڊي ايس پي پير الله رکيو،ايس ايچ او محمد اسلم بلو، ايس ايچ او پيرومل گلزار مري ۽ ٻين پاران گل نڇاور ڪري ڀرپور استقبال ڪيو ويو ان موقعي ته پوليس پاران ڊي آئي جي شهيد بينظر آباد عرفان بلوچ کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ڊي آئي جي  شهيد بينظيرآباد عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي ڊاڪٽر فرغ لنجار پاران ربن ڪاٽي ٿاڻي جي ٿيل رپيئرنگ جي ڪم جو افتتاح ڪيو ويو ۽ ٿاڻي جي سموري ٿيل ڪم جو جائزو ورتو، ان موقعي ته ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آء جي ڊاڪٽر عرفان بلوچ چيو ته پوري ڊويزن ۾ منشيات ۽ سماجي برائين خلاف آپريشن جاري آھي،منشيات جي روڪٿام لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون.

5

ٽنڊوالهيار ۾ ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ دينو ڪالوني جو رهواسي 14 ورهين جو اعجاز موقعي تي فوت ٿي ويو، بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، بي سيڪشن پوليس ڊمپر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو،  جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.