”تيل مهانگو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عالمي سطح تي مسلسل تيل اگهه وڌڻ سبب اسان وٽ به قيمتون وڌائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو.

وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ  5 رپيا 40 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، نوان اگهه اڄ رات 12هين وڳي کان لاڳو ٿيندا.

ان حوالي سان وضاحت ڏيندي فواد چوڌري چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه مسلسل وڌي رهيا آهن، اسان وٽ اگهه وڌائڻ کانسواءِ ڪو رستو نه هو، ان باوجود پاڪستان ۾ تيل اگهه خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.