عمران خان اڏا نه ڏنا ته بلاول سي وي کڻي آمريڪا وڃي پهتو: مراد سعيد

 

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته عمران خان اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته بلاول سي وي کڻي آمريڪا وڃي پهتو.

آزاد ڪشمير جي علائقي پٺڪا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته عمران خان دنيا اڳيان ڪشمير جو ڪيس وڙهيو ۽ هنن راجيو گانڌي کي اسلام آباد گهرايو ته رستن تان ڪشمير جا بورڊ هٽايا ويا، عمران خان اڏو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته بلاول سي وي کڻي آمريڪا پهتو آهي ته مان خدمت لاءِ حاضر آهيان.

هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي پٺ تي پيل علائقو بڻائي ڇڏيو آهي، مراد علي شاهه صاحب پاڪستان کي به سنڌ جهڙو ئي ڪرڻ چاهي ٿو، ڌانڌلي جون دانهون اهي ڪري رهيا آهن جن کي پنهنجي ناڪامي نظر اچي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.