اڳوڻو صدر ممنون حسين جنازي نماز کانپوءِ ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ممنون حسين جي جنازي نماز ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مسلم ليگ ن ٻين اڳواڻن سميت مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اڳوڻو صدر ممنون حسين بيماري وگهي گذريل ڏينهن ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو، هو ڪينسر جي عارضي ۾ مبتلا هو.

ممنون حسين جي جنازي نماز ڊفينس جي سلطان مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز مفتي تقي عثماني پڙهائي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، اڳوڻي گونر محمد زبير، پ پ جي وقار مهدي سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اڳوڻي صدر ممنون حسين کي ڊفينس فيز 8 جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ممنون حسين جي ڳڻپ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻن ۾ ٿيندي هئي، هو 1999 ۾ سنڌ جو گورنر ۽ 2013 کان 2018 تائين ملڪ جو صدر به رهيو.

ممنون حسين 23 ڊسمبر 1940 ۾ هندستان جي شهر آگرا ۾ پيدا ٿيو، سندس خاندان 1947 ۾ لڏپلاڻ ڪري پاڪستان آيو، ممنون حسين ڪراچي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ سان گڏ بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي.

مرحوم سٺ جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي ۾ ڪاروبار جي شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ سياست ۾ شامل ٿي ويو، هن سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه ۽ ٽي پٽ ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.