اَڇن وارن کي ڪارو ڪرڻ جو گهريلو نُسخو

 

اڇا وارَ انسان جي زندگي گهٽائڻ جو سبب بڻجي وڃن ٿا! بلڪل، توهان درست پڙهيو آهي، اڇن وارن واري ماڻهن کي وڏي عمر جو سمجهيو ويندو آهي ۽ اهڙي ريت اهي جوانيءَ ۾ پوڙهائپ جي طنزيا جملا به سَهندا آهن.

جوانيءَ ۾ پوڙهائپ وانگر نظر اچڻ جي ڪري ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن ۽ ان کي لڪائڻ لاءِ مختلف ڪيميڪل مليل رنگن جو استعمال ڪندا آهن، جنهن سان نه رڳو انهن جي وار ڇَڻڻ جا مسئلا ٿيندا آهن پر چمڙي جي موذي مرضن جو پڻ خطرو وڌي ويندو آهي.

پر پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، هاڻي اڇن وارن کي قدرتي طور ڪارو ڪري ان مسئلي مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي.

ڏاڙهو جا هونئن ته ڪيترائي فائدا آهن، جن ۾ وڏو فائدو رت جو ٺهڻ آهي، ان سان گڏوگڏ ڏاڙهو اڇن وارن کي ڪارو ڪرڻ لاءِ به انتهائي ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو.

شيون

ڏاڙهو، پارو (مرڪري)، ڪارن تِرن جو تيل

ٺاهڻ جو طريقو:

وچولي ماپ جو هڪ ڪچو ڏاڙهون وٺو، ان جي مٿي کي چاقو سان وڍيو ۽ ان ڏاڙهو ۾ اڌ تولو پارو وجهو، ان کانپوءِ ان جو ڪَٽيل مٿو ساڳي ئي جڳهه تي ڪنهن ڌاڳي سان ٻڌي ڇڏيو، ڏاڙهو کي هڪ هفتي تائين ڪنهن ڇانوَ واري جاءِ تي رکي ڇڏيو، هفتي کانپوءِ ڏاڙهو کولي ان کي شِيشَي ۾ وجهي رکو، رات جو سمهڻ وقت ٿورو مقدار اهو ۽ ڪارن تِرن جو تيل مٿي تي لڳائي ٿوري دير تائين مساج ڪيو، هفتي ۾ هڪ ڀيرو ائين ڪرڻ سان ڪجهه ئي وقت ۾ توهان جي مٿي جا اڇا وارَ ڪارا ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.